Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ڏينهن) چوندا هئا.[1]

استقبالِ رمضان جا مختلف انداز

   اي عاشقانِ رسول! ماھِ رمضان، ماھِ غفران جي آمد تي مختلف انداز سان ان جو استقبال ڪرڻ، خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ ڪا نئين ڳالھ نه آهي، اَلْحَمْدُللّٰہ! مسلمانن ۾ ڪيئي سالن کان هي رواج آهي، مغربي مُلڪن ۾ ماڻهو شعبان جي آخري ڏهاڪي کان ئي استقبالِ رمضان جون تياريون شروع ڪري ڇڏيندا هئا. ان ڪري اهي ماڻهو پنهنجي گهرن جون صفايون ڪندا هئا. گهرن ۾ رنگ روغن ڪرائيندا هئا. جيڪي شيون نيون وٺڻ واريون هونديون هيون، اهي خريد ڪري وٺندا هئا. آمدِ رمضان تي هڪٻئي کي مبارڪ باد ڏيندا هئا. ۽ جڏهن رجب جي مهيني جو چنڊ نظر اچي ويندو هو ته خوشي ۾ قصيدا به پڙهندا هئا. استقبالِ رمضان جي مُتعلق يمن وارن جو به نرالو انداز رهيو آهي. جڏهن رمضان مهيني جي آمد ٿيندي هئي ته يمن وارا عربي جا هي شعرَ پڙهي ڪري ان کي ڀليڪار چوندا هئا:

مَرْحَبَا یَا شَہْرَ رَمْضَان  مَرْحَبَا شَہْرَ السَّعَادَہ                                                       مَرْحَبَا  یَا عَالِیَ الشَّان  فِی الْمَعَالیِ وَ الزِّیَادَہ

مرحبا!اے ماہِ رمضان، مرحبا! اے ماہِ سعادت                     مرحبا! اے بلند شان والے مہینے، مرحبا!

کُلُّ مُسْلِمٍ فِیْکَ نِشْطَانٌ بِالتَّوَجُّہِ لِلْعِبَادَہ                                                         وَعَنِ الْمَعَاصِی کَسْلَانِ وَلَہٗ الطَّاعَاتِ عَادَہ

مسلمان تجھ میں عبادت کے لئے چاک و چوبند ہیں                               گُناہوں میں کمی آئی اور اطاعت کی عادت ہو گئی

کُلُّ مَسْجِدٍ فِیْکَ  قَدْ زَانَ رَبُّہٗ بِالنُّوْرِ زَادَہ                                                          فِی تَرَاوِیْحٍ  وَ قُرْآنٍ، قَدْ جَفَی نَوْمُ الْقَعَادَہ

اللھ پاک نے ہر مسجد کی نورانیت بڑھا دی           تراوِیح اور قرآن کی برکت سے نیند دُور ہو گئی

اَنْ یُعَامَلَنَابِاِحْسَانٍ، وَ یُجْزَ نَا مِنْ بِعَادَہ


 

 



[1] رحلۃ ابنِ بطوطہ ،جز:1 ،صفحہ:49۔