Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

جو * روزيدارن جي سامهون ئي کائيندا پيئندا آهن * سگريٽ جا سوٽا هڻي رهيا هوندا آهن * پاڻ چٻاڙي رهيا هوندا آهن * ايستائين جو ڪجھ ته اهڙا بي بي خوف آهن جو سري عام پاڻي پيئندا بلڪه کاڌو کائيندي به ناهن شرمائيندا  افسوس! ماھِ رمضان ۾ اسان جو ڏينهن مال ڪمائڻ ۾ گذري ويندو آهي، راتيون گناھن ۾ گذري وينديون آهن، بندگي جو حق ادا ڪرڻ جو فڪر ستائڻ ته پري جي ڳالھ آهي، ماھِ رمضان ۾ به عبادت جي طرف دليون مائل ناهن ٿينديون، ها! رمضان جون راتيون گذارڻ جي لاءِ راند روند جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، ڪاش! اسان کي صحيح معنٰي ۾ ماھِ رمضان جو قدر نصيب ٿي وڃي.

رمضان المبارڪ جي بي حُرمتي جو انجام

  علّامه اِبنِ جَوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون وٽ جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضر ٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! قيامت جي ڏينهن هڪ نوجوان کي آندو ويندو، هو غمگين هوندو، روئي رهيو هوندو، ملائڪ ان کي باھ ۽ لوهي گُرزَن (IronRods) سان ان کي هڪلي رهيا هوندا، اهو نوجوان هڪ هزار سال تائين اَلاَمَان! اَلاَمَان! پڪاريندو رهندو پر ان کي اَمَان نه ڏني ويندي، پوءِ ان نوجوان کي هڪ هزار سال کان بعد رب قَهار جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو، الله پاڪ عذاب جي ملائڪن کي حڪم ڏيندو ته ان کي اوندهي منهن جهنم ۾ ڦٽو ڪيو! حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جو هي بيان ٻُڌي حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي جبريل (عَلَيۡهِ السَّلَام)! اهو ڪير هوندو؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي اوهان جو هڪ امتي هوندو. فرمايائون: ان جو