Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ايندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نمازن جي ڪثرت فرمائيندا ۽ خوب روئي روئي ڪري دعائون ڪندا هئا.[1]

   رمضانُ المبارڪ جون کوڙ عبادتون آهن، هي ٻه به نهايت اهم آهن: (1): نوافل جي ڪثرت (2) خوب دعائون ڪرڻ.

رمضان مهيني ۾ رات جو جاڳندا ڪيو!

   جنهن جي ذمي قضا نمازون رهنديون هجن، انهن کي گهرجي ته نوافل جي جڳھ تي قضا پڙهن، نه ته نوافل جي ڪثرت ڪن، ٿي سگهي ته سڄي رات  نفل پڙهن، نه ته اڌ رات، هي به نه ٿي سگهي ته رات جو هڪ حصو، هي به نه ٿي سگهي ته رات جو ڇهون حصو، هي به نه ٿي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ نمازِ مغرب، عشاء، فجر جماعت سان ادا ڪيو، تراويح به پوريون پڙهيون وڃن، مغرب کان بعد اوّابين جا نوافل به پڙهيا وڃن ۽ پوءِ سحري ۾ ته لازمي اٿڻو آهي، نمازِ تهجد به ادا ڪئي وڃي، اهڙيءَ طرح اسان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! رات جو گهڻو حصو عبادت ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تراويح پڙهندا هئا

   صحابي ابن صحابي حضرت عبدُ الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضانُ المبارڪ ۾ وِتر کان علاوه 20 رڪتون نماز ادا فرمائيندا هئا.[2]

    مشهور مُفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن (حديث شريف) مان معلوم ٿيو ته خود حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 20 رڪعتون نماز پڙهندا هئا. مُفتي صاحب وڌيڪ لکن ٿا: خيال رهي ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ


 

 



[1] شُعَبُ الْایمان، جلد:3 ،صفحہ:310 ،حدیث:3625۔

[2] معجمِ اَوسَط، جلد:1 ،صفحہ:233 ،حدیث:798۔