Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ڏيندا آهيون، رمضانُ المبارڪ ۾ ان کان وڌيڪ ڏيون، اسان جي معاشري ۾ غريبن جي کوٽ ناهي، ڪيئي يتيم، مسڪين، غريب ويچارا اهڙا هوندا جن جون سحريون افطاريون پاڻيءَ سان ٿي رهيون هونديون. کُجور خريد ڪرڻ جي به ٿي سگهي طاقت نه هجي، پوءِ رمضان المبارڪ کان بعد عيد به اچي ويندي آهي، ويچارا غريب سُٺي انداز ۾ روزا رکي سگهن، سحري افطاري ۾ به انهن جو دسترخوان سجي، انهن کي به پيدا ڪيل نعمتون کائڻ جو موقعو ملي، پوءِ عيد به سُٺي انداز سان گذاري سگهن، ان ڪري رمضان ۾خوب دل کولي ڪري صدقو ۽ خيرات ڪرڻ گهرجي.

   جيڪي ماڻهو ڪجھ پيسي وارا آهن انهن وٽ ته افطاري جون دعوتون به هلي رهيون هونديون آهن، ڪڏهن ڪنهن دوست وٽ افطاري آهي، ڪڏهن ڪنهن رشتيدار وٽ، افطار پارٽي جي نالي تي هوٽلن تي رش هوندي آهي، رهجي ويندا آهن غريب ويچارا...!! انهن کان ڪير پڇي، ڪير افطار تي گهرائي...!!

هڪ افطاري غريبن سان گڏ

  جيڪڏهن رشتيدار ناهن، تڏهن به ڪنهن غريب کي افطاري ڪرائڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي بلڪه غريبن کي افطاري ڪرائڻ ۾ ثواب گهڻو ملڻ جي اميد آهي. صحابي ابنِ صحابي حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عادت مبارڪ هئي ته پاڻ افطاري مسڪينن سان گڏ ڪندا هئا.[1]

  سُبْحٰنَ اللہ! اسان به نيّت ڪيون گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ افطاري ته ڪنهن غريب سان گڏ ڪيون، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ان جي دل خوش ٿي ويندي، ان جي دل مان


 

 



[1] لطائف المعارف ،صفحہ:233۔