Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

نمازِ تراويح باجماعت پابندي سان ادا نه فرمائي، صرف 2 ڏينهن ادا ڪئي ۽ بعد ۾ فرمايائون هن تي پابندي ڪئي وئي ته فرض ٿي وڃڻ جو انديشو آهي، جنهن سان منهنجي امّت کي ڏکيائي ٿيندي. تنهنڪري توهان پنهنجي گهر ۾ ئي نماز پڙهي وٺندا ڪيو! بعد ۾ (مسلمانن جي ٻئين خليفي) حضرت عُمرِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه نمازِ تراويح جو اهتمام فرمايو ۽ 20 رڪعتون تراويح باقاعده جماعت سان گڏ پڙهڻ جو اهتمام فرمايو.[1]

تراويح سنتِ مؤڪدھ  آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! تراويح رمضانُ المبارڪ جي خاص عبادت آهي، نفل به سڄو سال پڙهجي سگهجن ٿا، تلاوت به ٿي سگهي ٿي، نفلي اعتڪاف به ڪري سگهجي ٿو پر تراويح صرف ۽ صرف رمضان ۾ ئي پڙهي ويندي آهي، تنهنڪري تراويح ۾ بلڪل به سستي نه ڪرڻ گهرجي. ياد رکو! رمضانُ المبارڪ ۾ تراويح پڙهڻ سنّتِ مؤڪده آهي.[2] سيدي اعلي حضرت فتاويٰ رضويه شريف ۾ فرمائن ٿا سُنّتِ مؤڪده جي ترڪ جي عادت بڻائي وٺڻ گناھ آهي.[3] تراويح جا وڌيڪ مسئلا ۽ فضائل ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڪتاب فيضان رمضان جي باب فيضان تراويح جو مطالعو ڪيو. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! معلومات جو خزانو هٿ ايندو.

 (4): قرآنِ ڪريم جو دور فرمائيندا هئا

   اي عاشقانِ رسول! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ماھِ رمضان جي معمولات مان هڪ هي به آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان ۾ تلاوت


 

 



[1] جاء الحق ،صفحہ:355 -356 ملتقطًاو تقدیم و تاخیر۔

[2] رد المحتار ،کتاب الصلاۃ ،باب الوتر و النوافل ،مبحث صلاۃ التراویح ،جلد:2 ،صفحہ:596

[3] رد المحتار ،کتاب الصلاۃ ،باب الوتر و النوافل،مبحث صلاۃ التراویح ،جلد: 2،صفحہ:596