Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

دعائون نڪرنديون ته اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اسان جو ٻيڙو پار ٿي ويندو.

ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا                                                                                                  دردمندوں سے، ضعیفوں سے محبت کرنا

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي غريب رشتيدارن سان حسن سلوڪ سان پيش اچون. انهن جو حاجتون پوريون ڪرڻ به حسنِ سلوڪ آهي. پنهنجي زڪوٰة. فطرو هاڻي کان انهن غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. انهن کي راشن ڏيو. کائڻ جو سامان ڏيو. گهر گهر وڃي ڪري انهن ۾ اناج مثلاً چانور، اَنُ، داليون ۽ روڪ رقم ورهايو. انهن جي افطاري جو اهتمام ڪيو. الله ڪريم جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: يعني تنهنجو کاڌو نيڪ ماڻهوکائن،[1] دين جو علم حاصل ڪرڻ وارا، دين کي عام ڪرڻ وارا هن جا وڌيڪ حقدار آهن ته انهن کي پنهنجي زڪوٰة، فطرو، نفلي صدقا ڏنا وڃن ڇوته هي نيڪ ماڻهو آهن انهن جي لاءِ کائڻ جو اهتمام ڪيو وڃي انهن جي افطاري ڪرائي وڃي.

عطيات (Donation)جي ترغيب

   پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ واري ديني تحريڪ آهي. الله پاڪ جي فضل سان * دعوتِ اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ ديني خدمتون انجام ڏئي رهي آهي * دعوتِ اسلامي هن وقت تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مراڪز) بڻائي چڪي آهي * ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الڳ الڳ تعليمِ قرآن ڏيڻ جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 10489 (10 هزار489) مدرسةُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 341821 (3 لک 41 هزار821) ڇوڪرن ۽


 

 



[1] ابوداؤدکتاب الاطعمہ،باب ماجاء فی الدعا،صفحہ:607،حدیث3854