Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

اي ماھِ رمضان! اسان سان حسنِ سلوڪ ڪجانءِ ۽ پنهنجي عبادت جي مطابق بهتر جزاء جو ذريعو بڻجانءِ.

 * اُرۡدَن ۾ رمضانُ المبارڪ ايندي ئي ڏينهن جي وقت هوٽلون وغيره بند ڪيون وينديون، سحري جي وقت ماڻهن کي جاڳائڻ جو اهتمام ڪيو ويندو هو. * مَوۡرِيتانِيا ۾ رمضانُ المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ جو اهتمام ڪيو ويندو هو. جيئن ئي چنڊ نظر ايندو هو، هر پاسي خوشي جا آثار ڇائنجي ويندا هئا ۽ ماڻهو خوشيءَ وچان قصيدا پڙهڻ لڳندا هئا. * صُومال ۾ آمدِ رمضان جي خوشي ۾ مسجدن کي سجايو ويندو هو. * مسجدن ۾ لائٽنگ ڪئي ويندي هئي. * ۽ مسجدن ۾ نوان قالين وڇايا ويندا هئا. * ترڪي جا ماڻهو رمضانُ المبارڪ کي ملڪُ الشهور(يعني مهينن جو بادشاھ) چوندا هئا. * استقبالِ رمضان جي لاءِ گهٽين پاڙن کي سجايو ويندو هو. * رمضانُ المبارڪ جو چنڊ ڏسي ڪري ماڻهو الله اڪبر جا نعرا بُلند ڪندا ۽ سحري ۽ افطاري جا ڪلينڊر به ورهائيندا ويندا هئا. * انڊونيشيا جا مسلمان رمضانُ المبارڪ جي تعظيم جي لاءِ پيرين اگهاڙا ٿي ڪري چنڊ ڏسندا هئا. * آمدِ رمضان جي خوشي ۾ مسجدن جي صفائي جو اهتمام ٿيندو هو. * مسجدن ۽ مسجد ڏانهن ويندڙ رستن کي سجايو ويندو هو.

 * الله پاڪ اسان کي به خوب اهتمام سان ماھِ رمضان جو استقبال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. * گهڻو نه ته گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجي گهر جي صفائي ڪيون. * استقبالِ رمضان جي لاءِ گهرن ۾ خوشبو مهڪايون وڃن. * مسجدن جي صفائي جو به خاص اهتمام ڪيو وڃي. * ٿي سگهي ته ماھِ رمضان جي عبادت جي لاءِ نوان ڪپڙا به سبرايا وڃن. * گهر ۾ موجود مُصلا به چڱي طرح ڌوتا وڃن. * ذڪر و اذڪار جي لاءِ نئين تسبيح خريد ڪئي وڃي. * هيئن ماھِ رمضان جو خوب اهتمام سان استقبال ڪيو وڃي. * محبتِ رمضان ۾ سُٺين