Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

گناھ ڪهڙو هوندو؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! هي اهو بدنصيب هوندو، جنهن جي زندگي ۾ رمضان المبارڪ آيو پر ھن تَوبه ۽ اِستِغفَار جي بدران رمضان کي گُنَاهن ۾ گذاري ڇڏيو.[1]

   الله جي پناھ! الله جي پناھ! اي عاشقانِ رمضان! غور ته ڪريو! رمضان المبارڪ ۾ گُنَاھ ڪري هن مقدّس مهيني جي بي حرمتي (Dis-respect) ڪرڻ ڪيترو نقصانده آهي...! رمضان المبارڪ جي بي قدري ڪرڻ وارا هن مان عبرت حاصل ڪن، ٿورو غور ته ڪن...! اسان ڪيستائين هن دنيا ۾ زندھ رهنداسين؟

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے                                                                                                     کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

    هڪ ڏينهن حضرت عزرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ايندو، اسان جو مال، اسان جي دولت، اسان جا رشتيدار (Relatives) اسان جو اَولاد، دوست احباب، ڪجھ به ڪم نه ايندو، سڀ ڏسندا رهجي ويندا، افسوس! اسان جي جسم مان رُوح ڪڍيو ويندو، پوءِ غَسَّال کي گھرايو ويندو، ڪفن پارايو ويندو، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جنازي نماز ادا ڪري اسان کي اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو۔ الله نه ڪري! الله نه ڪري! * جيڪڏهن اسان رمضان جون راتيون گُنَاهن ۾ گذاري ڪري * فضوليات ۾ مشغول رهي رمضان المبارڪ جي بي حُرمتي ڪئي هوندي * جيڪڏهن رَبّ ناراض ٿي ويو * ان جي سبب قبر ۾ اسان جي پڪڙ ٿي وئي * قيامت جي ڏينهن پڪڙ ٿي وئي، ته سوچيو! اسان جو ڇا ٿيندو؟ * خدانخواسته الله پاڪ جي رحمت نه ملي * شافِعِ محشر، سلطانِ بحر و بَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت کان محروم رهجي وياسين ته ڇا


 

 



[1] بستان الواعظین ،صفحہ:188 ۔