Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

Book Name:Aqa Ki Ramzan Say Muhabbat

ويندو آهي. محروم آهي اهو شخص جنهن رمضان کي لڌو ۽ ان جي مغفرت نه ٿي ته جنهن جي هن رمضان ۾ مغفرت نه ٿي پوءِ ڪڏهن ٿيندي![1]

مَہِ رَمضاں ،مَہِ غُفراں ،مَہِ سُبحاں ،مہِ رَحماں

کُھلیں  گے  بابِ  جنّت، ماہِ  رمضان  آنے والا ہے[2]

   ڪاش! هن سال جڏهن ماھِ رمضان جي مبارڪ گهڙين ۾، ڏينهن جو ۽ رات جي وقت، سحري ۽ افطاري جي وقت مغفرت جا پروانا ورهائجي رهيا هجن، ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! الله پاڪ جي بي پناھ رحمتن جو هڪ ڇنڊو اسان گنھگارن تي به پئجي وڃي ۽ اسان مغفرت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

نزع کے وقت مجھے جلوۂ محبوب دِکھا!

تیرا کیا جائے گا میں شاد مروں گا یارَبّ!

عفو کر اور سدا کے لئے  راضی ہوجا!

گر کرم کر دے تو جنّت میں رہوں گا یارَبّ!

   عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ماھِ رمضانُ المبارڪ ۾ مغفرت جا اسباب جمع ٿي ويندا آهن. رمضان جو روزو رکڻ مغفرت جو سامان آهي. رمضان جي مهيني ۾ قيام ڪرڻ (يعني رات جاڳي ڪري عبادت ڪرڻ) به مغفرت جو ذريعو آهي. رمضان جي مهيني جي شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ به مغفرت ماڻڻ جو ذريعو آهي. ائين ئي روزيدار کي روزو کولائڻ. خادم (يا ملازم) تي آساني ڪرڻ به مغفرت ماڻڻ جو ذريعو آهي. رمضانُ المبارڪ ۾ ذڪرالله جي ڪثرت ڪئي وڃي جو حديثِ پاڪ ۾ آهي: رمضان جي مهيني ۾ ذڪرُ الله ڪرڻ وارو بخشيل آهي.[3] اهڙيءَ


 

 



[1] معجمِ اَوْسَط ،جلد:5 ،صفحہ:366 ،حدیث:7627۔

[2] وسائلِ فِردَوس ،صفحہ:24۔

[3] معجمِ اَوسَط، جلد:4 ،صفحہ:338 ،حدیث:6170۔