Book Name:Iman ki Hifazat

آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي تعليمات کي پيشِ نظر رکندي دينِ متين تي ثابت قدمي جا طلب گار رهندا هئا۔ تنهنڪري اسان کي به، انبياءِ ڪرام، صحابه ڪرام ۽ پنهنجن بزرگان دِين جي سيرت تي عمل ڪندي، الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي ايمان جي حفاظت جو جذبو پنهنجي اندر اُجاگر ڪرڻ گھرجي ۽ نيڪ عملن تي تيار ٿي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بُري خاتمي کان بچڻ جي دعا ڪرڻ گھرجي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايمان ضائع ڪرڻ وارا عمل

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  ايمان جي حفاظت ڪرڻ الله پاڪ جي فضل وڪرم سان گڏ ٻانهي جي اختيار ۾ به هوندو آهي تنهنڪري انسان کي گھرجي ته هو پنهنجي ايمان جي سلامتي جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دعا ڪري، گناهن کان بچندي پاڻ کي نيڪين ۾ مشغول رکي۔ جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته دنيا کان وڃڻ مهل اسان جو ايمان سلامت رهي ته ان جي لاءِ اسان کي انهن سمورن ڪمن کان بچڻو پوندو، جيڪي ايمان ضائع ڪرڻ جو سبب بڻجندا آهن، جن جي ڪري انسان هن عظيم دولت کان محروم ٿي ويندو آهي۔ اچو! ايمان ضائع(Destroy) ڪرڻ وارن ڪجھ ڪمن جي باري ۾ ٻڌون ٿا ۽ گڏوگڏ اها نيت به ڪريون ٿا ته اهڙن بُرن عملن کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين جو جن جي ڪري ايمان برباد ٿي سگھي ٿو، الله پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي۔

(1) بُري صحبت اختيار ڪرڻ

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! بُري صُحبت اختيار ڪرڻ ۽ بدمذهبن سان گڏ اٿڻ ويهڻ ايمان جي لاءِ نقصان ڪار ٿي سگھي ٿو۔ جهڙي طرح شرابين، جوارين ۽ گناهن ۾ ملوث رهڻ وارن سان گڏ اٿڻ ويهڻ هلاڪت جو سبب آهي، اهڙي طرح بدمذهبن سان ميل جول رکڻ، انهن جون تقريرون ٻڌڻ، ڪتاب پڙھڻ،