Book Name:Iman ki Hifazat

دل ۾ اهو خوف ويهي رهيو آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو منهنجو ايمان کسيو وڃي ۽ مون کي ان جي خبر تائين نه پوي۔ ( قُوتُ القُلوب،۱/۳۸۸)

سڄي رات روئيندا هئا

 حضرت سيدُنا يوسُف بن اَسباط رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا: مان هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا سُفيان ثَوري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  وٽ حاضِر ٿيس، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  سڄي رات روئيندا رهيا۔ مون پڇا ڪئي: ڇا توهان گُناهن جي خوف کان روئي رهيا آهيو؟ ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هڪ ڪک کنيو ۽ فرمايائون: گُناھ ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن ڪک کان به گھٽ حَيثيت رکن ٿا، مون کي ته هن ڳالھ جو خَوف آهي ته ڪٿي ايمان جي دولت نه کسجي وڃي۔ (منهاج العابدين، العقبۃ الخامسۃ، اصول سلوڪ طريق الخوف والرجاء ،الاصل الثالث،ص۱۵۵)

منهنجو خاتمو ايمان تي ڪر

حضرت امام احمد بن حنبل رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي انتقال جي وقت جڏهن پاڻ جي صاحبزادي طبيعت معلوم ڪئي ته فرمايائون: هينئر جواب جو وقت نه آهي، بس دعا ڪريو ته الله پاڪ منهنجو خاتمو ايمان تي ڪري ڇوته ابليس لعين پنهنجي مٿي تي مٽي وجھندي مون کي چئي رهيو آهي ته تنهنجو دنيا مان ايمان سلامت کڻي وڃڻ، منهنجي لاءِ غم ۽ ڏک جي ڳالھ آهي۔ ۽ مان ان کي چئي رهيو آهيان ته اڃا نه، جيستائين هڪ به ساھ باقي آهي مان خطري ۾ آهيان، مان (توکان) پُر امن نٿو ٿي سگھان۔ (تذڪرۃ الاولياء،ذڪر امام احمد حنبل،الجزء الاول،ص۱۹۹)

   پياراپيارا اسلامي ڀائرو!   اوهان ڏٺو ته اسان جا بُزرگ سڳورا رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين ڪيتري قدرخوف ۽ ڊپ رکندڙ هئا، انهن جي سڄي زندگي شريعت ۽ سُنّت جي آئينه دار هئي، انهن جو هر هر لمحو يادِ الٰهي ۾ گذرندو هو، اهي حضرات سچا عاشقِ رسول، اعليٰ درجي جا عابد، زاهد، نفس ۽ شيطان جي حيلن کان بخوبي آگاھ هئا پر ان جي باوجود ايمان جي حفاظت جي معاملي ۾ تمام گھڻا حساس هئا ۽ ايمان کسجڻ جي خوف سبب هميشه ڏڪندا رهندا هئا ۽ پياري