Book Name:Iman ki Hifazat

تي اهڙو زمانو ايندو جو جنهن ۾ گوشه نشيني (اڪيلائپ) اختيار ڪرڻ ضروري هوندي، ان وقت صرف ان شخص جو دِين سلامت رهندو جيڪو ايمان جي حفاظت جي فڪر ۾ هڪ جبل کان ٻي جبل يا هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ ڀڄندو ڦري، جيئن پکي ۽ لُومڙي پنهنجن ٻارن کي کڻي هڪ هنڌان ٻي هنڌ منتقل ٿيندا رهندا آهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: ان زماني ۾ اهو ٻڪرار ڀلائي تي هوندو جيڪو پنهنجي علم مطابق نماز پڙھي، زڪوٰة ادا ڪري ۽ ماڻهن کان الڳ ٿلڳ رهندو۔ (المطالب العاليۃ،ڪتاب الفتن،باب جواز الترھيب…الخ، ۸/۵۹۷، حديث:۴۳۶۶ بتغير)

انسان ان تي اُٿاريو ويندو جنهن تي مرندو

نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: يُبْعَثُ کلُّ عَبْدٍ عَلَي مَا مَاتَ عَلَيه يعني هر شخص ان حالت تي اُٿاريو ويندو جنهن تي مرندو۔ (مسلم،ڪتاب الجنۃ وصفۃ نعيمھا …الخ،باب الامربحسن الظن…الخ، ص۱۱۷۸، حديث:۲۸۷۸) حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا: يعني اِعتبار خاتمي جو آهي، جيڪڏهن ڪو ڪفر تي مري ته ڪفر تي ئي اٿندو توڙي جو زندگي ۾ مومن رهيو هجي، ۽ جيڪڏهن ايمان تي مري ويو ته ايمان تي اُٿندو توڙي جو زندگي ۾ ڪافر رهيو هجي۔ (مرآۃ المناجيح،۷/۱۵۳) علامه عبدالرءُوف مناوي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن حديثِ پاڪ تحت فرمائن ٿا:حضرت سيدنا امام جلال الدين سيوطي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن حديث مان اهو نڪتو ڪڍيو آهي ته بانسري وڄائڻ وارو قيامت جي ڏينهن پنهنجي بانسري سان گڏ ايندو، شرابي پنهنجي جام سان گڏ، جڏهن ته مؤذن اذان ڏيندي ايندو۔ (التيسير،حرف الياء،۲/۵۰۷)

تلیں میرے اعمال میزاں پہ جس دم                                                                        پڑے اک بھی نیکی نہ کم یاالٰہی

بروزِ قیامت ہو ایسی عنایت                                                                                                                    رہوں پُل پہ ثابت قدم یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد