Book Name:Iman ki Hifazat

رحمت سان انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ ايمان تي خاتمي جي لاءِ فرض ۽ واجبات جي ادائيگي سان گڏوگڏ اسان جي بزرگانِ دِين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين مختلف ورد وظيفا به ڏنا آهن جيڪو شخص هنن تي عمل ڪندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ موت جي وقت انهن جو ايمان سَلامَت رهندو، اچو! اِيمان تي خَاتمي جا پنج (5) ورد وظيفه ٻڌون ٿا۔ جيئن ته

ايمان تي خاتمي جا 5 ورد

 هڪ شخص بارگاھ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ۾ حاضِر ٿي ايمان تي خاتِمو بالخير جي لاءِ دعا جو طالِب ٿيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه ان جي لاءِ دعاء فرمائي ۽ ارشاد فرمايائون:

(1) (روزانو) 41 ڀيرا صبح جو يا حَيّ يا قَيّوْمُ لَآ اِلٰه اِلَّآ اَنْتَ ۔ (اي هميشه زنده رهڻ وارا! اي هميشه قائم رهڻ وارا! ڪو معبود ناهي پر تون۔) اوّل آخِر دُرُود شريف پڙهي وٺو. ( الوظيفة الڪريمة ،ص۲۱ )

(2) سمهڻ وَقت پنهنجي سڀني وردن کان پوءِ سُوره ڪافرون روزانو پڙھي وٺو، ان کان پوءِ ڪلام وغيره نه ڪيو وڃي، ها جيڪڏهن ضَرورت هجي ته ڳالهائڻ کان پوءِ وري سُوره ڪافرون تلاوت ڪئي وڃي جو خاتِمو انهيء تي ٿئي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّ وَجَلَّ خاتِمو ايمان تي ٿيندو۔ ( الوظيفة الڪريمة،ص۳۴)

 (3) ٽي ڀيرا صبح ۽ ٽي (3) ڀيرا شام هن دُعاء جو وِرد رکو: اَللّٰھُمَّ اِنَّانَعُوْذُبِکَ مِنْ اَنْ نُّشْرِکَ بِکَ شَيئًا نَّعلَمُه وَنَستَغْـفِـرُکَ لِمَا لَانَعْلَمُه (” اي الله عَزَّ وَجَلَّ! اسان تنهنجي پناهه گهرون ٿا ان ڳالهه کان جو ڄاڻي واڻي ڪنهن کي تنهنجو شريڪ بڻايون ۽ اسان تو کان ان (شرڪ) جي بخشش گهرون ٿا جنهن کي اسان نه ٿا ڄاڻيون. (الوظيفة الڪريمة ،ص۱۷)

(4) تفسيرِ صاوي ۾ آهي: جيڪو حضرتِ سيدُنا خِضرعَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جو نالو، ڪنيت، وَلَديت ۽ لقب ياد رکندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جو اِيمان تي خاتمو