Book Name:Iman ki Hifazat

باري ۾ هڪ عبرت ناڪ حڪايت ٻڌو ۽ بُري صحبت کان پيڇو ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪريو،

بُري صحبت برباديِ ايمان جو سبب آهي

 حضرت سَيدُنا علامه محمد بن احمد ذَهبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ شخص شرابين جي صُحبت ۾ ويهندو هو، جڏهن ان جي موت جو وقت ويجھو آيو ته ڪنهن ڪلمي شريف جي تلقين ڪئي ته چوڻ لڳو: توهان به پيو ۽ مون کي به پياريو۔ مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ بِغير ڪلِمو پڙھڻ جي مري ويو (جڏهن شرابين جي صُحبت جو هي حال آهي ته شراب پيئڻ جو ڇا وَبال هوندو!) هڪ شطرنج کيڏندڙ کي مرڻ مهل ڪلِمي شريف جي تلقين ڪئي وئي ته چوڻ لڳو: شاھَڪ (يعني تنهنجو بادشاھ) هي چوڻ کان پوءِ ان جو ساھ نڪري ويو۔ (ڪتابُ الڪبائر،ص ۱۰۳ملخصاً)

مجھے دیدے اِیمان پر اِسْتِقَامَت                                       پئے سَیِّدِ مُحْتَشَم یااِلٰہی

خُدایا بُرے خاتِمے سے بچانا                                                    پڑھوں کَلِمَہ جب نکلے دَم یااِلٰہی

مجھے سچی توبہ کی توفیق دیدے                                                   پئے تاجدارِ حرم یااِلٰہی

جو ناراض تو ہوگیا تو کہیں کا                                                           رہوں گا نہ تیری قسم یاالہی

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجو ذهن بڻايو ته مان چڱن دوستن سان گڏ رهندس، مان انهن سان گڏ رهندس جن جا عقيدا سٺا هوندا، مان انهن سان گڏ رهندس جيڪي خوفِ خدا رکڻ وارا آهن، مان انهن سان گڏ رهندس جيڪي جيڪي عاشق رسول آهن، مان انهن سان گڏ رهندس جيڪي فرضن ۽ واجبن سان گڏو گڏ نفل عبادت ڪرڻ وارا آهن، مان انهن سان گڏ رهندس جيڪي نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارا ۽ برائين کان روڪڻ وارا آهن، مان انهن سان گڏ رهندس جن کي ايمان جي حفاظت جي فڪر رهندي آهي، هي سڀئي خاصيتون ماڻن جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃواِنْ شَــآءَالـلّٰـه