Book Name:Iman ki Hifazat

ايمان جي حفاظت جو هڪ ذريعو ڪنهن پيرِ ڪامل کان بيعت ٿيڻ به آهي۔ (تربيت اولاد ،ص۸۰) * حج فرض هئڻ جي باوُجُود جنهن ڪوتاهي ڪئي ۽ بغير حج ادا ڪرڻ جي مري ويو ته ان جو بُرو خاتِمو ٿيڻ جو شديد خطرو آهي۔ (برےخاتمي کے اسباب،ص۲۰) * امام غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا: بُري خاتِمي کان اَمن چاهيو ٿا ته پنهنجي سڄي زندگي الله پاڪ جي اطاعت ۾ گذاريو ۽ هر هر گناھ کان بچو۔ (احياء العلوم،۴ /۲۱۹۔۲۲۱ مُلَخصاً دار صادر بيروت) (برےخاتمے کے اسباب،ص۳۰)

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد