Book Name:Iman ki Hifazat

بزرگانِ دين ۽ ايمان جو فڪر

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  واقعي خُوش نصيب آهن اهي مسلمان جيڪي سڄي زندگي الله پاڪ جي رِضا وارن ڪمن ۾ مشغول رهيا ۽ مرڻ وقت پنهنجو ايمان سلامت کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ تنهنڪري نيڪ ۽ بد هر هڪ کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ هوشيار رهڻ گھرجي، خاص ڪري جيڪي مسلمان نماز روزن جي پابندي ڪن ٿا، صدقو ۽ خيرات ڪن ٿا، نفلي عبادت ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۾ مشغول رهن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن شيطان اهڙن کي ايمان جي سلامتي کان غافل ڪرڻ جي لاءِ اهڙي نموني ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته تو ته گھڻا نيڪ عمل ڪري ورتا آهن، هاڻي بس ڪر، تنهنجون اهي نيڪيون توکي بخشرائڻ ۽ توکي جنت جي نعمتن مان لُطف اندوز ٿيڻ جي لاءِ ڪافي آهن، جيڪڏهن ڪڏهن اهڙو خيال ذِهن ۾ اچي ته ان کي هڪدم ڪڍي ڇڏيو ۽ پنهنجي عبادت تي ڪڏهن ڀروسو (Rely) نه ڪريو ۽ هن وسوسي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ بزرگانِ دِين جي گريه و زاري، خوفِ خدا ۽ ايمان جي حفاظت وارن واقعن کي ياد ڪريو ته اهي حضرات ڏينهن رات عبادت ۽ رياضت ڪرڻ جي باوجود به ايمان جي سلامتي جي لاءِ فڪر مند رهندا ها۔

    حضرت سَيدُنا حذيفه رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي موت جو وقت جڏهن ويجھو آيو ته روئي پيا ۽ شديد گھبراهٽ جو اظهار ٿيڻ لڳو۔ ماڻهن پاڻ کان روئڻ جو سبب پڇيو ته فرمايائون، مان دنيا ڇڏڻ تي نٿو روئان ، بلڪ موت مون کي محبوب آهي، ها مان ان ڪري روئي رهيو آهيان ته مان الله پاڪ جي رِضا تي دنيا کان وڃي رهيو آهيان يا ناراضي ۾؟  (اسد الغابۃ،حذيفۃ بن اليمان،۱/۵۷۴)

ايمان جي حفاظت ۽ اڪيلائي

منقول آهي ته هڪ شخص سڀني کان جدا رهندو هو۔ حضرت سَيدُنا ابو دَرداء رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه ان وٽ اچي جڏهن ان جو سبب معلوم ڪيائين ته ان چيو: منهنجي