Book Name:Iman ki Hifazat

دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس. انشآءَالله الڪريم!

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪتاب ”عيون الحڪايات“ جو تعارف

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  نيڪ سيرت ماڻهن جي عظمت دل ۾ ويهارڻ، انهن جي سيرت تي هلڻ جو شوق ۽ جذبو وڌائڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب ”عيون الحڪايات“ شايع ڪيو آهي جنهن جو مطالعو نهايت مفيد آهي. هن ڪتاب ۾ بزرگانِ دين جي خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي ۽ عبادت ۽ رياضت جا نرالا واقعا، دينِ اسلام جي خاطر ڏنيون ويندڙ قربانين جو تذڪرو، شرم ۽ حيا، صدقه ۽ خيرات مصيبن تي صبر جي حيرت ۾ وجهندڙ حڪايات ۽ ان جي علاوه اهم معلومات تي مشتمل هي ڪتاب اڄ ئي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي طلب فرمائي پاڻ به هن جو مطالعو ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به هن جي ترغيب ڏياريو. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي پڙهي به سگهجي ٿو، ڊائون لوڊ (download)  ۽ پرنٽ آؤٽ (print out) به ڪري سگهجي ٿو. اچو! هن ڪتاب مان هڪ نهايت پياري حڪايت ٻڌون ٿا. 

 فرعون جي ڌيءَ جي خادمه

منقول آهي ته هڪ عبادت گذار نيڪ خاتون کي فرعون جي ڌيءَ پنهنجي خادمه طور رکيائين، اها نيڪ خاتون پنهنجي حيثيت مطابق ڏينهن رات ان جي خدمت ڪندي رهي، هڪ ڏينهن اها نيڪ عورت فرعون جي ڌيءَ جي مٿي ۾ ڪنگھي (Comb) ڪري رهي هئي ته ان دوران ان خاتون جي هٿان مان ڪنگھي ڪري پئي، ته ان نيڪ سيرت عورت جي زبان مان اوچتو ”سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ“ جي صدا بلند ٿي، فرعون جي ڪافره ڌيءَ جڏهن اهو آواز ٻُڌو ته چيائين: ڇا تو