Book Name:Iman ki Hifazat

*   ايمان ضائع ڪرڻ ۾ گانن باجن ۽ فلمن ڊرامن جي نحوست به شامل آهي۔

*   ايمان جي حفاظت جي لاءِ فرض سان گڏوگڏ سُنّتن تي به عمل ڪرڻ گھرجي۔

*   جن بد نصيب ماڻهن جو خاتمو ڪفر تي ٿيندو اهي قبر ۽ آخرت ۾ عذابن جا مستحق ٿيندا۔

*   ايمان ضايع ٿيڻ جو سبب مال و دولت جي حرص (Greed) ۽ ڊگھيون اميدون رکڻ به آهي۔

الله پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي ۽ پنهنجي دائمي رضا سان مالا مال فرمائي ۽ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سچو عشق عطا فرمائي۔ الله پاڪ اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪرڻ وارا اسباب اختيار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

چنڊ رات جي مدني قافلن جي ترغيب

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  رمضان جومهينو هاڻي ڪجهه ڏينهن جو مهمان رهجي ويو آهي ۽ عنقريب اسان کان رخصت ٿيڻ وارو آهي. پوءِ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عيد الفطر جي آمد آمد ٿيندي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هرسال ڪثير معتڪفين ۽ ٻيا عاشقانِ رسول”پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش“ جي مقدس جذبي سان سرشار ٿي چنڊ رات جو مدني قافلن جا مسافر بڻجندا آهن، تنهڪري همت ڪيو ۽ چنڊ رات کان سفر ڪرڻ وارن خوش نصيب عاشقانِ رسول سان مدني قافلن جي لاءِ هاڻي کان نيت ڪري وٺو، پنهنجي ذميدارن سان رابطو ڪيو ۽ مدني قافلن جي لاءِ پنهنجو نالو لکرايو بلڪ ممڪن هجي ته هٿ و هٿ سفر ڪرڻ جا اخراجات به جمع ڪرائي ڇڏيو، الله ڪريم اسان کي چنڊ رات جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي. آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ