Book Name:Iman ki Hifazat

فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ

 

فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ

 

فيضانِ مدني قافلو! جاري رهندو اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايمان جي حفاظت بابت مدني گل

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!   بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي اچو! ايمان جي حفاظت جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان هڪ (1)فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ ارشاد فرمايائون: انهن فتنن کان پهريان نيڪ عملن جي سلسلي ۾ جلدي ڪريو! جيڪي انڌيري رات جي حِصّن جيان هوندا۔ هڪ انسان صُبح جو مومِن هوندو ۽ شام جو ڪافِر هوندو ۽ شام جو مومِن هوندو ۽ صُبح جو ڪافِر هوندو۔ ان سان گڏوگڏ پنهنجي دين کي دُنياوي سازو سامان جي بدلي وڪڻندو۔ (مُسلِم،حديث:۱۱۸، ص۷۳) * هڪ مسلمان جي لاءِ ان جو سڀ کان قيمتي متاع ان جو ايمان آهي۔ ان جي حفاظت جو فڪر اسان کي دنياوي شين کان گھڻو وڌيڪ هئڻ گھرجي۔ (تربيت اولاد ،ص۸۰) * انسان کي وقت بوقت توبه ۽ تجديدِ ايمان ۽ تجديدِ نڪاح ڪندو رهڻ گھرجي، جيڪڏهن يقيني طور تي ڪفريه جملو نڪتو ته اهو فرض آهي نه ته مستحب۔ (ايمان جي حفاظت، ۹) * انسان کي ڪڏهن پاڻ تي يا پنهنجي اطاعت ۽ عملن تي بھروسو نه ڪرڻ گھرجي هر وقت خدا تي اعتماد ڪري ۽ انهي کان ايمان جي بقا جي دعا گھري۔ (ايمان جي حفاظت۔ص۲۱) * ايمان جي حفاظت جي فڪر ۽ ڪوشش هر مسلمان جي انفرادي ذميداري آهي۔ (ايمان جي حفاظت،ص۱) * جيڪو ايمان کان ڦري يعني مُرتَد ٿي مرندو اهو هميشه هميشه جي لاءِ دوزخ ۾ رهندو۔ (ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب،ص۲) * نيڪ عملن تي استقامت جي علاوه