Book Name:Iman ki Hifazat

ايمان جي اهميت ۽ ان جي حفاظت بابت الله پاڪ سيپاري 24 سوره  حٰمٓ السَجْدَه آيت نمبر 30 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ  الَّذِیۡنَ قَالُوۡا رَبُّنَا اللّٰہُ  ثُمَّ اسۡتَقَامُوۡا تَتَنَزَّلُ عَلَیۡہِمُ الۡمَلٰٓئِکَۃُ  اَلَّا تَخَافُوۡا وَ لَا تَحۡزَنُوۡا وَ اَبۡشِرُوۡا بِالۡجَنَّۃِ  الَّتِیۡ  کُنۡتُمۡ تُوۡعَدُوۡنَ (۳۰)  

 (پ۲۴،حم السجده:۳۰)

تَرجموڪنز الايمان: بيشڪ اهي جن چيو اسان جو رب الله آهي پوءِ ان تي قائم رهيا انهن تي ملائڪ لهندا آهن هي ته نه ڊڄو ۽ نه غمغين ٿيو ۽ توهان کي خوشخبري هجي جنت جي جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ٿي ويو.

تفسير”صراطُ الجِنَان“ ۾ آهي: بيشڪ اهي ماڻهو جن الله پاڪ جي ربّ هئڻ ۽ ان جي وحدانيت (يعني هڪ هئڻ) جو اِقرار ڪندي چيائون ته اسان جو ربّ صرف الله پاڪ آهي، پوءِ اهي هن اقرار ۽ ان جي تقاضن تي ثابت قدم رهيا، انهن تي الله پاڪ جي طرفان ملائڪ نازل ٿيندا آهن ۽ انهن کي اها بشارت ڏيندي چوندا آهن ته توهان آخرت ۾ پيش ايندڙ حالات کان ڊپ نه ڪريو ۽ اهل و عيال وغيره مان جيڪو ڪجھ پوئتي ڇڏي آيا آهيو ان جو غم نه ڪريو ۽ ان جنت تي خوش ٿي وڃو جنهن جو توهان سان دنيا ۾ الله پاڪ جي رسولن عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي مُقَدّس زبان سان واعدو (Promise) ڪيو ويندو هو۔

(روح البيان،پ ۲۴،حٰمٓ السجدۃ، تحت الآيۃ: ۳۰،۸/۲۵۴-۲۵۵ ملتقطاً)(صراط الجنان،۸/۶۳۱)

دِينِ اسلام تي ثابت قدمي جي ترغيب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  معلوم ٿيو دينِ اسلام تي ثابت قدمي نهايت ضروري آهي، جيڪڏهن خاتمو ايمان تي ٿيو ته نجات ئي نجات آهي ايستائين جو اسلام تي قائم رهڻ ۽ قرآني احڪامن تي عمل ڪرڻ وارن کي جنت جي بشارت به ڏني وئي آهي۔ اهو ئي نه بلڪ ايمان جي حالت ۾ دنيا کان وڃڻ جو حڪم به