Book Name:Iman ki Hifazat

عَزَّوَجَلَّ دين ۽ دنيان ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(2) بِغير علم جي دِيني بحث ڪرڻ

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  ايمان ضايع ٿيڻ جو هڪ سبب بغير علم جي دِيني معاملن ۾ بحث ڪرڻ به آهي، جڏهن ته ديني معاملن ۾ جيڪا ڳالھ يقيني طور تي معلوم هجي اها ئي بيان ڪرڻ گھرجي، پنهنجي طرفان عقل جا گھوڙا ڊوڙائڻ اِيمانيات جي مُعاملي ۾ گھڻو خطرناڪ هوندو آهي جو ٿاٻو لڳڻ تي انسان ڪڏهن ڪفريات جي گهري کڏ ۾ وڃي ڪرندو آهي ۽ ان کي هن ڳالھ جو پتو تائين ناهي پوندو ته ان جو ايمان برباد ٿي چڪو آهي۔ اسان جي معاشري ۾ به اهڙن ماڻهن جي ڪمي ناهي جن کي دِيني معلومات تمام گھٽ هوندي آهي پر اهڙا فضول (Useless) بحث ڪندا آهن جو جيئن انهن وٽ علم جو خزانو موجود هجي، اهڙا چرٻ زبان ۽ جاهل ماڻهو پنهنجي زبان مان ڪفريات تائين ڪڍي ڇڏيندا آهن۔

اعليٰ حضرت،اِمامِ اَهلسنّت امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فتاوٰي رضويه جلد 24 صَفحي 159 کان 160 تي اهڙن جي باري ۾ نقل ڪن ٿا ته ڪو انسان بدڪاري ۽ چوري ڪري ته گناھ هئڻ باوجود ان جي لاءِ اهو عمل ايترو مُهلِڪ (هلاڪ خيز) ۽ تباھ ڪن ناهي (هوندو) جيترو بِلا تحقيق علمِ الٰهي جي باري ۾ ڪلام ڪرڻ مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ وارو) آهي ڇوته بِلا تحقيق ۽ علم جي پختگي بغير ڪٿي اهو ڪفر جو مُرتڪب ٿي ويندو ۽ ان کي خبر به نه پوندي! هن جو مِثال ائين ئي آهي، جيئن جو ترڻ جي ڄاڻ نه هئڻ جي باوجود دريا جي لهرن ۽ موجن تي سُوار ٿيڻ، ۽ شيطان جون فريب ڪاريون جيڪي عقائد ۽ مذاهب کان تعلُّق رکن ٿيون اهي ڪا لڪيل ڳالھ نه آهي۔ ۽ الله سب ڪجھ خوب ڄاڻي ٿو۔ (الحديقۃ النديۃ،۲/۲۷۰)

(3) زبان جي حفاظت نه ڪرڻ