Book Name:Iman ki Hifazat

ٿيندو۔ سندن نالو، ڪنيت، ولديت ۽ لقب هي آهي: اَبُوالْعَبَّاس بَلْيا بِنْ مَلْکانَ الْخِضْر۔ (تَفْسِيرِ صاوي، ۲/۱۲۰۷-۱۲۰۸،مڪتبۃ رحمانيه) 

(5) بِسْمِ اللّٰه عَلٰي دِينِيۡ بِسْمِ اللّٰهِ عَلٰي نَفْسِيۡ وَوُلْدِيۡ وَ اَھْلِيۡ وَمَالِيۡ۔ (الله تعاليٰ جي نالي جي برڪت سان منهنجي دين، جان، اولاد، گهروارن ۽ مال جي حفاظت ٿئي.) صبح ۽ شام 3،3 ڀيرا پڙھي، دين، ايمان، جان، مال، ٻار سڀ محفوظ رهندا۔ (الوظيفة الڪريمة،ص۱۷)

دنیا میں ہر آفت سے بچانا مولیٰ!                                                                                                             عقبےٰ میں نہ کچھ رنج دکھانا مولیٰ!

بیٹھوں جو درِ پاکِ پیمبر کے حُضُور                                                                                                              اِیْمان پر اُس وقت اٹھانا مولیٰ!

مختصر وضاحت: اي ربّ ڪريم! پنهنجي پياري محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري زلفن جو صدقو مون کي دنيا ۾ هر مصيبت کان بچائي رکجان ۽ آخرت ۾ هر غم کان محفوظ رکجان. تنهنجي بارگاهه ۾ هڪ ٻي دعا هي به آهي ته جڏهن مون کي تنهنجي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضه اقدس جي حاضري نصيب ٿئي ته ان وقت مان حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي چانئٺ تي درود ۽ سلام پڙهڻ ۾ مشغول رهان ۽ انهيء حالت ۾ منهنجو روح قبض ٿي وڃي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس”براءِ نيو مسلم“

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  ايمان جي حفاظت جو ذهن بڻائڻ، دينِ اسلام جو پيغام عام ڪرڻ، ايمان جي دولت تي استقامت، نيڪ ماڻهن جي صحبت حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي 104 کان وڌيڪ شعبن ۾ دينِ متين