Iman ki Hifazat

Book Name:Iman ki Hifazat

جي خدمت ۾ مصروفِ عمل آهي، جنهن مان هڪ شعبو (Department) مجلس براءِ نيو مسلم“ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مجلس جي ڪوششن سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ دينِ اسلام جو پيغام پهچي چڪو آهي، ڪيئي غير مسلم اسلام جي دولت سان مالا مال ٿي چڪا آهن، هن مجلس تحت نئين مسلمان کي دِيني تعليم سان گڏوگڏ فرض علوم جي باري ۾ به مدني تربيت ڏني ويندي آهي۔ الله پاڪ اسان کي به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري دينِ متين جي خوب خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                                                                              اے دعوتِ اسلامی تری دھوم مچی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  شبِ قدر جي فضيلتن ۽ ان رات ۾ عبادت ڪرڻ وارن جي لاءِ انعاماتِ خداوندي تمام گهڻا آهن الله عَزَّوَجَلَّ هن رات پنهنجي ٻانهن تي رحمتِ الٰهي جي خوب بارش ڪندو آهي ۽ گناهگارن جي بخشش ۽ مغفرت ڪري انهن کي جهنم کان رهائي عطا ڪندو آهي پر ڪجھ اهڙا بدنصيب به آهن جيڪي هن مقدَّس رات ۾ به بخشش ۽ مغفرت کان محروم رهندا آهن،جيئن ته

ملائڪ جھنڊا کڻي لهندا آهن

       حضرتِ سيدنا عبدُالله ابن عباس رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْهما فرمائن ٿا ته حضورنبي ڪريم، روفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو ته جڏهن شبِ قدر ايندي آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام هڪ سائو جهنڊو کڻي فرشتن جي تمام وڏي فوج سان گـڏ زمين تي نُزول فرمائيندا آهن