Book Name:Iman ki Hifazat

بُري خاتمي جو خوف

تفسير”صراطُ الجنان“ ۾ آهي: سڀ کان بدبخت انسان ڪفر تي مرڻ وارو آهي توڙي جو ان جي سڄي زندگي اعليٰ درجي جي عبادت و رياضت ۽ تبليغ و خدمتِ دين ۾ گذري هجي۔ ڪفر تي مرڻ وارن تي الله پاڪ جي، ملائڪن جي ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ ۽ هن آيت مان معلوم ٿيو ته مرڻ گھڙي ايمان جي دولت کان محروم رهجي وڃڻ سڀ کان وڏي بدبختي آهي ۽ ان وقت ايمان جو سلامت رهڻ تمام وڏي سعادت آهي، تنهنڪري هر مسلمان کي گھرجي ته هو جيتوڻيڪ ڪيترو ئي نيڪ ۽ پارسا، عبادت گزار ۽ پرهيزگار ڇو نه هجي پنهنجي بُري خاتمي کان خوفزده رهي۔ (صراط الجنان،۱/۲۵۸-۲۵۹)

خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا                                                                                            پڑھوں  کلمہ جب نکلے دَم یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ايمان جي اهميت حديث جي روشني ۾

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  بيان ڪيل آياتِ ڪريمه ۽ ان جي تفسير مان معلوم ٿيو ته اسان کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ هر گھڙي فڪر مند رهڻ گھرجي، نفس ۽ شيطان جي ڌوڪن ۽ وسوسن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ياد رهي! جهڙي طرح ايمان تي ثابت قدم رهڻ وارن جي لاءِ قرآنِ پاڪ ۾ جنت جي بشارت بيان ڪئي وئي آهي اهڙي طرح احاديثِ ڪريمه ۾ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِيمان جي اهميت ۽ ان جي حفاظت جي باري ۾ حڪم ارشاد فرمايو آهي۔ اچو! ترغيب لاءِ ايمان جي سلامتي بابت حديث سڳوريون ٻڌون ٿا. جيئن

ايمان جي حفاظت جو فڪر

نبي ڪريم، روؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جلد ئي ماڻهن