Book Name:Iman ki Hifazat

اَللّٰهُمَّ اَجِرۡنِيۡ مِنَ النَّارo

اي الله مون کي (جهنّم جي) باھ کان نجات عطا فرما

يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُ يامُجِيۡرُo

اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا، اي نجات ڏيڻ وارا

بِرَحۡمَتِكَ يآ اَرۡحَمَ الرّٰحِمِيۡنَo

پنهنجي رحمت جي سبب اسان تي رحم فرما، اي سڀ کان وڌيڪ رحم فرمائڻ وارا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

(4) گناهن کان نه بچڻ

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! ايمان برباد ٿيڻ جو هڪ سبب ڏينهن رات گناهن ۾ مشغول رهڻ به آهي ته جيڪو انسان ڏينهن رات گناهن ۾ مشغول رهي ٿو ان جي نحوست سان ٻانهو ايمان کي وڃائي ويهي ٿو۔ علامه اسماعيل حقيرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  هن باري ۾ فرمائن ٿا ته جهڙي طرح الله پاڪ جي آيتن جو انڪار ڪرڻ ۽ ان جو مذاق اُڏائڻ ڪفر آهي ۽ ڪفر جي سزا جهنم جو دائمي دردناڪ عذاب آهي، اهڙي طرح ڪنهن مسلمان جو گناهن تي اِصرار (مسلسل) ڪرڻ به اهڙو عمل آهي جنهن سبب ان جو موت ڪفر جي حالت ۾ ٿي سگھي ٿو۔ حضرت ابو اسحاق فزاري رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيۡه  فرمائن ٿا ’’هڪ شخص اڪثر اسان وٽ ويهندو هو ۽ پنهنجو اڌ چهرو لڪائي رکندو هو، هڪ ڏينهن مون ان کي چيو ته تون اسان وٽ گھڻو ويهندو آهين ۽ پنهنجو اڌ چهرو ڍڪي ڇو رکين ٿو، مون کي ان جو سبب ٻڌاءِ۔ ان چيو: مان ڪفن چور هئس، هڪ ڏينهن هڪ عورت کي دفن ڪيو ويو ته مان ان جي قبر تي آيس، جڏهن مون ان جي قبر کوٽي ان جي ڪفن کي ڇڪيو ته ان هٿ کڻي منهنجي چهري تي چماٽ هڻي