Book Name:Iman ki Hifazat

پياراپيارا اسلامي ڀائرو!  زَبان جي حفاظت نه ڪرڻ به بعض اوقات ايمان جي بربادي جو سبب بڻجي ويندو آهي۔ اڄوڪي دور ۾ اسان جي اڪثرِيت جي حالت اها ٿي وئي آهي جو جيڪو وات ۾ آيو بڪي ڇڏيو، الله پاڪ جي خوشي ۽ ناخوشي جو احساس گھٽ ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلھ نوجوان ڪفريه شعرن تي مشتمل گانا (Songs) ٻڌي پنهنجي زبان تان جھونگاريندا وتندا آهن، انهيءَ زبان سان جنت دوزخ، ملائڪن ۽ الله پاڪ جي شان ۾ توهين سان ڀريل چٽڪلا ٻڌايا ويندا آهن، انهيءَ زبان مان پنهنجي غريبي ۽ تنگدستي جو شڪوا شڪايت ڪندي ڪي ڪُفريات بڪي ڇڏيندا آهن، انهيءَ زبان مان ڪنهن جوان يا گھر جي واحد ڪفيل جي موت تي الله پاڪ جي ذات تي شڪوه ۽ شڪايتن ڀريا ڪفريات بڪيا ويندا آهن۔ خدارا! هوش ۾ اچو ۽ پنهنجي زبان کي قابو ۾ رکندي ان کي فضول بيهوده ۽ ڪفريه ڳالهين کان بچايو نه ته ياد رکو! ڪڏهن اسان جي زبان مان لاعلمي ۾ اهڙا جُملا نڪري سگھن ٿا جيڪي اسان جي ايمان جي بربادي ۽ جهنَّم جي حقداري جو سبب ٿي سگھن ٿا۔ اچو! هن باري ۾ ٻه فرمانِ مصطفيٰ ٻڌو ۽ پنهنجي ايمان جي حفاظت ڪريو،

1.   ارشاد فرمايائون: انسان پنهنجي ساٿين کي کلائڻ جي لاءِ هڪ جملو اهڙو چوندو آهي پر ان جي سبب اهو ثُرَيا (تاري جي فاصلي) کان به پري (جهنم ۾) ڪرندو آهي۔ (مسند احمد،مسند ابي ھريرة،۳/ ۳۶۶، حديث:۹۲۳۱)

2.   ارشاد فرمايائون: هڪ شخص الله پاڪ کي ناراض ڪرڻ وارو جملو چوندو آهي ۽ ان کي اهو خيال به ناهي هوندو ته هي ان کي الله پاڪ جي ناراضي تائين پهچائي ڇڏيندو پر الله پاڪ ان جي ڪري قيامت تائين پنهنجي ناراضي لکي ڇڏيندو آهي۔ (ترمذي،ڪتاب الزھد،باب في قلةالڪلام ،۴/ ۱۴۳،حديث : ۲۳۲۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

سدا کیلئے ہوجا راضی خُدایا                                                                                                   ہمیشہ ہو لطف و کرم یاالٰہی