Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
وَ اَمَّا مَنۡ اُوۡتِیَ کِتٰبَہٗ بِشِمَالِہٖ ۬ۙ فَیَقُوۡلُ یٰلَیۡتَنِیۡ لَمۡ اُوۡتَ کِتٰبِیَہۡ (ۚ۲۵) (پارہ:29، سورۂ الحاقة:25)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ رهيو اهو جنهن کي ان جو اعمالنامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اهو چوندو: اي ڪاش جو مون کي منهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها.
(3_4) مٿي ۽ پيرن کان پڪڙي ڪري جهنم ۾ وڌو ويندو، سورت رحمٰن ۾ آهي:
یُعۡرَفُ الۡمُجۡرِمُوۡنَ بِسِیۡمٰہُمۡ فَیُؤۡخَذُ بِالنَّوَاصِیۡ وَ الۡاَقۡدَامِ (ۚ۴۱) (پارہ:27، سورۂ رحمٰن:41)
ترجمو ڪنزالعرفان: مجرم پنهنجي چهرن مان سڃاتا ويندا پوءِ انهن کي پيشاني ۽ پيرن کان پڪڙيوويندو.
ڄڻ الله پاڪ فرمائي ٿو: اي منهنجا ٻانهؤ! وضو ۾ چهرو ڌوئيندا ڪيو ته جيئن قيامت جي ڏينهن توهان جو چهرو ڪارو نه ٿي بلڪه توهان جو چهرو چمڪائي ڇڏيان. پنهنجا هٿ ڌوئيندا ڪيو ته جيئن قيامت جي ڏينهن توهان کي اعمالنامو کاٻي هٿ ۾ نه بلڪه ساڄي هٿ ۾ ڏنو وڃي. پنهنجي مٿي جو مسح ڪيو ته جيئن توهان کي پيشاني کان پڪڙي جهنم ۾ نه وڌو وڃي بلڪه توهان جي مٿي تي جنتي تاج سجايو وڃي * اي منهنجا ٻانهؤ! پير ڌوئيندا ڪيو ته جيئن توهان جي پيرن ۾ جهنم جون زنجيرون نه وڌيون وڃن، نه پلصراط تي توهان جا قدم ٿڙن بلڪه توهان آرام سان پلصراط پار ڪري جنت ۾ داخل ٿي وڃو![1]
اي عاشقانِ رسول! اسان ٻڌو وضو جون ڪهڙيون برڪتون آهن، وضو ڪرڻ سان گناھ ڇڻندا آهن * ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن