Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

اعمالنامو سڌي هٿ ۾ ملندو * چهرو ڪارو نه ٿيندو بلڪه نور سان چمڪندو رهندو * پلصراط تي ثابت قدمي نصيب ٿيندي ۽ اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  جنت ۾ داخلو نصيب ٿيندو.

لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان باوضو رهڻ جي عادت بڻايون. اسان سُستي ڪري ويندا آهيون، ڪاش! اسان هي سستي ختم ڪيون، وضو ڪرڻ ۾ چُستي ڏيکاريون، جڏهن وضو ٽٽي ته فوراً ئي ٻيهر ڪري وٺڻ جي عادت اپنايون انشآءَ الله الڪريم هي عارضي مشقت قيامت جي ڏينهن آسانيون ملڻ جو ذريعو بڻجي ويندي. اچو! وڌيڪ ترغيب جي لاءِ وضو جي فضيلتن تي حديثون ٻڌون ٿا:

وضو جي فضيلتن تي 3 حديثون

(1)حضرت ثوبان رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله جي آخري نبي فرمايو: سڌا رهو پر توهان هي نه ڪري سگهند‍ؤ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان جو بهترين عمل نماز آهي ۽ وضو جي حفاظت مومن ئي ڪندو آهي.[1] (يعني هميشه باوضو رهڻ يا هميشه صحيح وضو ڪرڻ ڪامل مومن جي پهچان آهي.)  (2) نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت اَنَس رَضِىَ اللهُ عَنْه کي فرمايائون: پٽ! جيڪڏهن توهان هميشه باوُضو رهڻ جي اِستطاعت (طاقت) رکو ته ائين ئي ڪريو ڇوته مَلَڪ المَوت جنهن ٻانهي جو رُوح وُضو جي حالت ۾ قَبض ڪن ان جي لاءِ شهادت لکي ويندي آهي۔[2] (3) هڪ حديث شريف ۾ آهي: باوضو سمهڻ وارو روزو رکي ڪري عبادت ڪرڻ واري جيان آهي.[3]


 

 



[1] ابنِ ماجہ، کتاب الطہارۃ وسننھا، باب المحافظۃعلی الوضوء، صفحہ:58، حدیث: 277۔

[2] شُعَبُ الْاِيمان،۳/۲۹:حديث۲۷۸۳

[3] کنز العمال، کتاب الطہارۃ، باب الاول فی فضل ...الخ،جلد:5 ، جز:9، صفحہ:123، حدیث:25994۔