Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
اَفروز واقعو ٻڌو! جيئن ته حضرت عَلامه عَبدُالوَهاب شَعرَانِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نقل فرمائن ٿا: هڪ ڀيري سَيِّدُنا امامِ اعظم اَبُوحَنِيفَہ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪوفي جي جامع مسجد جي وُضو خاني ۾ تشريف فرما ٿيا ته هڪ نوجوان کي وُضو ڪندي ڏٺو، ان کان وُضو (۾ استعمال ٿيل پاڻي) جا قطرا ٽِمي رهيا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايو: “اي پُٽ! ماءُ پيءُ جي نافرماني کان توبهه ڪر، ان عرض ڪيو: مون توبهه ڪئي، هڪ ٻئي شخص کي وضو جي پاڻي کي ملاحظه ڪيائون ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان شخص کي فرمايو: اي منهنجا ڀاءُ بدڪاري کان توبهه ڪر، ان عرض ڪيو: مون توبهه ڪئي، ۽ هڪ ٻئي شخص جي وضو جي پاڻي کي ڏٺائون ته ان کي فرمايائون: شراب پيئڻ ۽ گانا باجا ٻُڌڻ کان توبهه ڪرـ ان عرض ڪيو: مون توبهه ڪئي، حضرت اِمامِ اَعظَم اَبُو حَنِيفَہ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪشف جي سبب ڇو ته ماڻهن جا عَيبَ ظاهر ٿي ويندا هئا، لهٰذا پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه بارگاھِ خداوندي ۾ هن ڪشف جي اظهار جي ختم ٿيڻ جي دعا گُهري، الله پاڪ سندن جي دعا قبول فرمائي، جنهن سان سندن کي وُضو ڪرڻ وارن جا گناھ ڇڻندي نظر اچڻ بند ٿي ويا.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن ايمان اَفروز واقعي مان اسان کي ٻه مدني گل سکڻ جي لاءِ مليا (1) هڪ هي ته وضو جي برڪت سان گناھ ڇڻندا آهن. (2) ٻيو مدني گل اِهو به معلوم ٿيو ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ٻين جا عيب ڏسڻ پسند نه ڪندا هئا، ڏسو! امام اعظم کي بطور ڪرامت ٻين جا عيب نظر ايندا هئا ته پاڻ دعا ڪيائون ته هي ڪرامت سندن کان واپس ورتي وڃي.
افسوس! هاڻي اسان جي حالت بلڪل ابتي آهي، الله وارا ڪوشش ڪندا هئا ته انهن کي عيب نظر نه اچن، هاڻي ماڻهو ٻين جا عيب ڳولين ٿا، ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته ڪنهن طرح فلاڻي جا عيب نظر اچن ۽ مان ان جا عيب راڄ کي ٻڌائي خوار ڪيان،