Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي هميشه باوضو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
قُوۡت القلوب ۾ آهي: مصطفيٰ جان رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن ٻانهو باوضو سمهندو آهي ان جي روح عرش جي طرف کنئي ويندي آهي ته ان جا خواب سچا ٿيندا آهن. جيڪڏهن باوضو نه سمهي ته ان جي روح پهچڻ کان قاصر رهندي آهي ۽ ان کي پريشان ڪندڙ خواب ايندا جيڪي سچا ناهن هوندا.[1]
الله پاڪ حضرت موسيٰ ڪليم الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَمکي فرمايو: اي موسيٰ! جيڪڏهن بي وضو هجڻ جي صورت ۾ توکي ڪا مصيبت پهچي ته پنهنجي پاڻ کي پاڻ ملامت ڪجان.
( شُعَبُ الْاِیمان،جلد:3، صفحہ:29، حدیث:2782۔)
الله! الله! معلوم ٿيو: باوضو رهڻ جي برڪت سان مصيبتن کان حفاظت ٿيندي آهي. ڪاش! اسان هميشه باوضو رهڻ وارا بڻجي وڃو.
هميشه باوضو رهڻ اسلام جي سنت آهي. ([2])
اِمامِ اَهلسنّت امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه فرمائن ٿا: بعض عارِفن (رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيهم اَجْمَعِين) فرمايو: جيڪو هميشه باوُضو رهي اللہ پاڪ ان کي سَتن فضيلتن جو شَرف عطا ڪندو: (1) ملائڪ ان جي صحبت ۾ رهڻ جي چاهت ڪندا (2) قلم