Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

الله پاڪ اسان جي حالت تي رحم فرمائي. ڪاش! ٻين جا عيب ڳولڻ وارا نه بلڪه عيبن تي پردو وجهڻ وارا بڻجي وڃون.

عیبوں کو ڈھونڈتی ہے فقط عیب جُو کی نظر                    جو خوش مزاج ہیں حسن و کمال دیکھتے ہیں

وضو جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي

    هڪ ڀيري مسلمانن جي چوٿين خليفي اَمِيرالمؤمنين حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنْه طواف ڪري رهيا هئا، ان دوران ڪنهن سندن ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ عرض ڪيو: حضور! هڪ سوال پڇڻو آهي. حضرت علي المرتضٰي رَضِىَ اللهُ عَنْه  خاموش رهيا ۽ طواف جاري رکيائون، طواف جا 7 چڪر مڪمل ڪيا، پوءِ حطيم ڪعبه ۾طواف جون ٻه رڪعتون ادا ڪيون پوءِ فرمايو: اَیْنَ السَّائِل؟  اهو سوال پڇڻ وارو ڪٿي آهي؟ اهو شخص حاضر ٿيو. فرمايائون: هاڻي سوال ڪيو: ان عرض ڪيو: اَسْاَلُکَ عَنْ بَدْءِ الْوُضُوْءِ کَیْفَ کَانَ وَاَیْنَ کَان يعني هي ٻڌايو! ته وضو جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي؟

هاڻي ٻڌو! باب مدينة الۡعلم جو جواب....!! موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: الله پاڪ جڏهن ملائڪن کي فرمايو هيو:

اِنِّیۡ جَاعِلٌ فِی الۡاَرۡضِ خَلِیۡفَۃً ؕ  (پارہ:1،سورۂ بقرہ:30)

ترجمو ڪنزالعرفان: مان زمين ۾ پنهنجو نائب بنائڻ وارو آهيان،

      ان تي ملائڪن عرض ڪيو:

اَتَجۡعَلُ فِیۡہَا مَنۡ یُّفۡسِدُ فِیۡہَا وَ یَسۡفِکُ الدِّمَآءَ ۚ  (پارہ:1،سورۂ بقرہ:30)

ترجموڪنزالعرفان: ڇا تون زمين ۾ ان کي نائب بڻائيندين جيڪو ان ۾ فساد پکيڙيندو ۽ رت وهائيندو.