Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
باوضو رهو.! قيامت جي ڏينهن چمڪندڙ چهري جي خواهش آهي ته باوضو رهو. پلصراط تي ثابت قدمي گهرجي باوضُو رهو....! غور ڪيو اها ڪهڙي نعمت آهي، جيڪا ان آسان نيڪي ۾ ناهي. الحمدلله! وضو انمول نعمت آهي. الله پاڪ اسان کي باوضو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسلام اسان کي ڪيئي صديون پهريان وضو جي تعليم ڏني آهي، هاڻي سائنس جو دور آهي ته سائنس به وضو جا فائدا مڃي چڪي آهي. هڪ شخص جو بيان آهي مون بيلجيم (Belgium) ۾ يونيورسٽي جي هڪ شاگرد کي اسلام جي دعوت ڏني، ان سوال ڪيو ته وضوءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون سائنسي حڪمتون آهن؟ مان لاجواب ٿي ويس، ان کي هڪ عالم وٽ وٺي ويس پر ان کي به ان جي معلومات نه هئي، ايتري تائين جو سائنسي معلومات رکڻ واري هڪ شخص ان کي وضو جون ڪافي خوبيون ٻڌايون، پر ڪنڌ جي مسح جي حڪمت هو به نه ٻڌائي سگهيو، هو هليو ويو ڪجھ عرصي کان پوءِ آيو ۽ چوڻ لڳو اسان جي پروفيسر ليڪچر جي دوران ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنڌ ۽ ان جي پاسن تي روزانو پاڻي جا ڪجھ ڦڙا هنيا وڃن ته ڪرنگهي جي هڏي ۽ حرام مغز جي خرابي مان پيدا ٿيڻ وارين بيمارين کان حفاظت حاصل ٿي ويندي آهي، اهو ٻڌي وضو ۾ ڪنڌ جي مسح جي حڪمت منهنجي سمجھ ۾