Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

آهي. وضو ۾ سنت جي مطابق پير ڌوئڻ سان ننڊ جي ڪمي، دماغي خشڪي، گهٻراهٽ ۽ مايوسي جهڙا پريشان ڪندڙ مرض دور ٿيندا آهن.[1]

پياراپيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! وضو جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن. الله پاڪ اسان کي هميشه باوضو رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.

اچو! آخر ۾ وضو جا ڪجھ آداب به سکي وٺون ٿا،     

وضو جا ڪجھ  آداب جو  بيان

   وضو جا فرائض: وضو ۾ 4 فرض آهن: (1) ٺوٺين سميت ٻئي هٿ  ڌوئڻ (2) چهرو ڌوئڻ (3) چوٿائي مٿي جو مسح ڪرڻ (4) ۽ ڀيڏين سميت ٻئي پير ڌوئڻ. هنن عضون جو مڪمل ڌوپجڻ فرض آهي. جيڪڏهن هڪ وار جي برابر جڳھ به سُڪل رهجي وئي ته وضو نه ٿيندو ۽ وضو نه ٿيو ته نماز به نه ٿيندي. تنهنڪري وضو نهايت احتياط سان ڪرڻ گهرجي. بلڪه مستحب(يعني ثواب جو ڪم آهي) ته خصوصاً سردين ۾ وضو کان پهريان اعضاءِ وضو تي چڱي طرح پاڻي وهايو، هن سان خشڪ جلد تَر ٿي ويندو ۽ پاڻي آساني سان تمام جڳهن تي پهچي ويندو.  پر ياد رهي! پاڻي مکڻ سان وضو ناهي  ٿيندو. وضو ۾ عضون جو ڌوئڻ فرض آهي ۽ ڌوئڻ جو مطلب آهي پاڻي جا گهٽ مان گهٽ 2 ڦڙا وهي وڃن. وضُو ۾ 14 سنتون آهن، جيڪي اميراهل سنت جي رسالي ”وضو جو طريقو“ ۾ لکيل آهن، اُتان کان ڏسي ياد ڪري وٺو! ۽ انهن تي عمل ڪري ثواب ڪمايو! جڏهن به وضو ڪيو، هن کان پهريان نيت ڪري وٺو ته پاڪي


 

 



[1] وضو اور سائنس ،صفحہ:10تا 16ملتقطًا