Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
ٿا: حديث جو مطلب هي ناهي ته صرف وضو ڪرڻ ۽ تحية الوضوء جا ٻه نفل پڙهي وٺڻ سان جنتي ٿي ويو هاڻي ڪنهن به عمل جي ضرورت ناهي بلڪه مطلب هي آهي ته چڱي طرح وضو ڪرڻ ۽ تحية الوضوء جا نفل ادا ڪرڻ جي برڪت سان دنيا ۾ نيڪ اعمال جي توفيق ملندي آهي، مرندي وقت ايمان تي قائم رهندو آهي، قبر ۽ حشر ۾ آساني سان پاس ٿيندو آهي. هن قسم جي حديثن جو هي ئي مطلب آهي.[1]
بلا حساب ہو جنت میں داخلہ یا رب! پڑوس خلد میں سرور کا ہو عطا یاربّ!
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم: هفتيوار رسالو مطالعو
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄوڪي هن پُرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ امّت کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهي، توهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار برڪتون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار رسالو مطالعو به آهي. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
هند جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي: مان ڪفر جي اونداهين ۾ ڀَٽڪي رهيو هيس، هڪ ڏينهن ڪنهن اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو احترامِ مسلم