Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
تنهنڪر جڏهن مومن ٻانهو ان جي ذريعي وضو ۽ غسل ڪندو آهي ته ان (جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم) جهنم جي باھ وسامي ويندي آهي.
هتي الله پاڪ جي هڪ ٻي ڪرم نوازي ڏسو! باھ جو ڪم آهي: ساڙڻ. پاڻي جو ڪم آهي: وسائڻ. هي دنياوي باھ جيڪا جهنم جي باھ کان ڪيئي درجا هلڪي ۽ گهٽ تپش واري آهي، هن باھ کي جيڪڏهن وسائڻو هجي ته پاڻي گهڻو گهرجي، جيڪڏهن باھ وڌيڪ هجي، پاڻي گهٽ هجي ته پاڻي سڙي ويندو، باھ نه وسامندي پر الله پاڪ جي لطف ۽ ڪرم تي قربان وڃو! جهنم جي باھ هن دنياوي باھ کان ڪيترائي درجا طاقت واري آهي، وضو ۾ جيڪو پاڻي استعمال ٿيندو آهي اهو تمام گهٽ هوندو آهي پر الله پاڪ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان هن گهٽ پاڻي سان جهنم جي تمام گهڻي باھ کي وسائي ڇڏيندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! وضو جا 4 فرض آهن (1) ٺوٺين سميت هٿ ڌوئڻ (2) چهرو ڌوئڻ (3) مٿي جو مسح ڪرڻ (4) ۽ ڀيڏين سميت پير ڌوئڻ. وضو ۾ هي 4 ئي فرض ڇو رکيا ويا؟ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حوالي سان هڪ حڪمت بيان ڪندي فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن (بنيادي) عذاب 4 ئي آهن (1) چهرو ڪارو ٿي وڃڻ الله پاڪ فرمائي ٿو:
یَّوۡمَ تَبۡیَضُّ وُجُوۡہٌ وَّ تَسۡوَدُّ وُجُوۡہٌ ۚ (پارہ:4، سورۂ آلِ عمران:106)
ترجمو ڪنزالعرفان: جنهن ڏينهن ڪيترائي منهن روشن هوندا ۽ ڪيترائي منهن ڪارا هوندا.
(2) اعمالنامه کاٻي هٿ ۾ ملڻ، الله پاڪ فرمائي ٿو: