Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان اصحابي سڳورا حضور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هرهر ادا ۽ هرهر سُنت کي دل سان اپنائيندا هئا. صحابه ڪرام جي مبارڪ زندگين جو هيءُ نرالو ۽ عشق ڀريو پهلو آهي، بس انهن کي جيئن ئي خبر پوندي هئي ته هي ڪم پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيو آهي، پوءِ اهو ڪم ڪرڻ، اداءِ مصطفيٰ کي اپنائڻ سندن زندگي جو مقصد بڻجي ويندو هو. صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي سيرت پڙهي ڪري ڏسو! اهي اداءِ مصطفيٰ کي اپنائڻ ۾ اهو نه سوچيندا هئا ته اسان هي ڪنداسين ته اسان کي ڇا ملندو، انهن جي اها عشق ڀري سوچ هوندي هئي ته هيءُ ڪم اسان جي محبوب (صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ڪيو آهي، بس اسان کي به ڪرڻو آهي؟ ڇو ڪرڻو آهي؟ ڪنداسين ته ڇا ملندو؟ نه ڪنداسين ته ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ هنن چڪرن ۾ صحابه رَضِىَ اللهُ عَنْهُم پوندا ئي نه هئا.
مسلمانن جا اوّل خليفه حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُم فرمائن ٿا: جنهن ڪم تي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ عمل ڪندا هئا مان ان کي ڪرڻ بغير ناهيان ڇڏيندو، جيڪڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪنهن ڪم کي ڇڏي ڏيان ته مون کي خوف آهي ته مان سنت کان مُنحرف ٿي ويندس. [1]
اللہ اللہ یہ شوقِ اتباع کیوں نہ ہو صدیقِ اکبر تھے
* مسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عمرفاروق اعظم فرمايو: جڏهن کان مون نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بنا ڇڻيل اٽي جي ماني کائيندي ڏٺو ته ان کان بعد ڪڏهن به منهنجي لاءِ ڇڻيل اٽي جي ماني ناهي بڻائي وئي.[2]