Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
بخاري و مسلم شريف جي روايت آهي، هڪ ڀيري پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام علیہمُ الرِّضْوَان سان گڏ سفر تي هئا مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ اُمُّ المؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا به شريڪ سفر هيون، رستي ۾ ڪنهن جڳھ حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ڳچي مبارڪ جو هار گم ٿي ويو، جيئن ته هار جي ڳولها جي سلسلي ۾ قافلو روڪيو ويو، رات ٿي چڪي هئي، اونداھي ڇائنجي چڪي هئي، لهٰذا هيءَ رات انهيءَ هنڌ گذاري وئي، صبح جڏهن فجر جي نماز جو وقت ٿيو ته وضو ڪرڻو هو پر هتي پاڻي ته هيو ئي ڪونه. انهيءَ موقعي تي سيپاري 6، سوره مائده جي آيت نمبر 6 نازل ٿي، الله پاڪ فرمايو:
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِذَا قُمۡتُمۡ اِلَی الصَّلٰوۃِ فَاغۡسِلُوۡا وُجُوۡہَکُمۡ وَ اَیۡدِیَکُمۡ اِلَی الۡمَرَافِقِ وَ امۡسَحُوۡا بِرُءُوۡسِکُمۡ وَ اَرۡجُلَکُمۡ اِلَی الۡکَعۡبَیۡنِ ؕ وَ اِنۡ کُنۡتُمۡ جُنُبًا فَاطَّہَّرُوۡا ؕ وَ اِنۡ کُنۡتُمۡ مَّرۡضٰۤی اَوۡ عَلٰی سَفَرٍ اَوۡ جَآءَ اَحَدٌ مِّنۡکُمۡ مِّنَ الۡغَآئِطِ اَوۡ لٰمَسۡتُمُ النِّسَآءَ فَلَمۡ تَجِدُوۡا مَآءً فَتَیَمَّمُوۡا صَعِیۡدًا طَیِّبًا فَامۡسَحُوۡا بِوُجُوۡہِکُمۡ وَ اَیۡدِیۡکُمۡ مِّنۡہُ ؕ مَا یُرِیۡدُ اللّٰہُ لِیَجۡعَلَ عَلَیۡکُمۡ مِّنۡ حَرَجٍ وَّ لٰکِنۡ یُّرِیۡدُ لِیُطَہِّرَکُمۡ وَ لِیُتِمَّ نِعۡمَتَہٗ عَلَیۡکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَشۡکُرُوۡنَ (۶)
(پارہ:6، سورۂ مائدہ:6)
ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان نماز جي لاءِ بيهڻ لڳو ته پنهنجي چهري کي ۽ پنهنجا هٿ ٺوٺين تائين ڌوئو ۽ مٿن جو مسح ڪيو ۽ ڀيڏين تائين پير ڌوئو ۽ جيڪڏهن توهان بي غسل آهيو ته خوب پاڪ ٿي وڃو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار آهيو يا سفر ۾ آهيو يا توهان مان ڪو بيت الخلاء مان آيو هجي يا توهان عورتن سان صحبت ڪئي هجي ۽ انهن صورتن ۾ پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪيو سو پنهنجي چهرن ۽ هٿن جو ان سان مسح ڪيو. الله نه ٿو