Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

چاهي ته توهان تي ڪجهه تنگي رکي پر اهو هي چاهي ٿو ته توهان کي خوب پاڪ ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي نعمت توهان تي پوري ڪري ته جيئن توهان شڪر ادا ڪيو.

هن آيت ڪريمه ۾ پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ تيمم جي اجازت ڏني وئي، ان تي صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ فرمايو: مَا ھِیَ بِاَوَّلِ بَرَکَتِکُمْ یَا آلَ اِبِی بَکْر يعني اي اولادِ ابوبڪر رَضِىَ اللهُ عَنْه ! هي توهان جي پهرين برڪت ناهي (مطلب هي آهي ته مسلمانن کي توهان جون ڪيئي برڪتون پهتيون آهن).[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! هونئن ته هن آيت ڪريمه ۾ ڪيترائي مدني گل آهن، خاص طور تي هن ۾ 2 ڳالهيون بيان ٿيون: (1) وضو جا 4 فرائض بيان ٿيا (2) پاڻي کان وضو ڪرڻ ۽ پاڻي نه ملي ته مٽي سان تيمم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

هنن ٻنهي ڳالهين جي حوالي سان حجة الاسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  نهايت خوبصورت مدني گل ڏنا آهن، اچو ٻڌون ٿا:

   جهنم جي باھ وسامي ويندي آهي

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شريعت طهارت(يعني وضو ۽ غسل) جي لاءِ 2 شيون مقرر فرمايون آهن: (1) پاڻي (2): مٽي. پاڻي سان اسان وضو ۽ غسل ڪندا آهيون، مٽي سان تيمم ڪندا آهيون، امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ٿورو غور ڪيو! دنيا ۾ هي ٻئي شيون باھ وسائڻ جي ڪم اچن ٿيون، باھ تي پاڻي هاريو ته باھ وسامي ويندي، پاڻي نه هجي ته مٽي وجهو، ان کان به باھ وسامي ويندي. معلوم ٿيو: پاڻي ۽ مٽي ٻئي باھ وسائڻ جي ڪم ايندا آهن،


 

 



[1] بخاری ،کتاب التیمم ،باب التیمم ،صفحہ :155 ،حدیث:334  خلاصۃً۔