Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

اچي وئي تنهن ڪري مان مسلمان ٿيڻ چاهيان ٿو ۽ پوءِ هو مسلمان ٿي ويو.[1]

غير مسلم سائنسدان جو حيرت انگيز انڪشاف

مغرب جي ملڪن ۾ مايوسي يعني (Depression) جي بيماري تيزي سان وڌي رهي آهي، دماغ فيل ٿي رهيا آهن، پاڳل خانن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، نفسياتي بيمارين جي ماهرن وٽ مريضن جون قطارون لڳل آهن، اولھ جرمني جي ڊپلومه هولڊر هڪ پاڪستاني فزيوٿيراپسٽ جو چوڻ آهي: “اولھ جرمني ۾ هڪ سيمينار ٿيو جنهن جو موضوع هو، مايوسي (Depression) جو علاج دوائن کان علاوه ٻين ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان ممڪن آهي؟ هڪ ڊاڪٽر پنهنجي مقالي (Thesis) ۾ هي حيرت انگيز انڪشاف ڪيو ته مون ڊپريشن جي ڪجھ مريضن کي روزانو پنج ڀيرا منهن ڌوئاريو، ڪجھ عرصي کان پوءِ انهن جي بيماري گھٽ ٿي وئي، وري اهڙن ئي مريضن جي ٻي گروپ جا روزانو پنج ڀيرا هٿ منهن ۽ پير ڌوئاريا ته بيماري ڪافي گھٽ ٿي وئي، اهو ئي ڊاڪٽر پنهنجي مقالي جي آخر ۾ اعتراف ڪري ٿو ته مسلمانن ۾ مايوسي جو مرض تمام گھٽ آهي ڇو ته هو ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا هٿ منهن ۽ پير ڌوئيندا (يعني وضو ڪندا) آهن.[2]

وضو جون سائنسي برڪتون

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! باوضو رهڻ جي برڪت سان ڪيئي بيمارين کان حفاظت ٿيندي


 

 



[1] وضو اور سائنس ،صفحہ :1 ۔

[2] وضو اور سائنس ،صفحہ :2 ۔