Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
مسلمانن جي ٽئين خليفي امير المؤمنين حضرتِ عُثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيري وُضو ڪندي مُرڪڻ لڳا! ماڻهن سبب پڇيو ته فرمايائون: مون هڪ ڀيري سرڪارِ نامدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هن جاءِ تي وُضو ڪرڻ کان پوءِ مُرڪندي ڏٺو هو ۽ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو هئائون: توهان کي خبر آهي مان ڇو مرڪيس؟ پوءِ آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ ئي ارشاد فرمايو:انسان جڏهن وضو ڪندو آهي ته منهن ڌوئڻ سان منهن جا ۽ هٿ ڌوئڻ سان هٿن جا ۽ مٿي جو مسح ڪرڻ سان مٿي جا ۽ پير ڌوئڻ سان پيرن جا گناھ ڇڻي ويندا آهن. ([2])
وُضُو کرکے خَنداں ہوئے شاہِ عثماں کہا: کیوں تَبسُّم بھلا کر رہا ہوں؟
جوابِ سُوالِ مخاطب دیا پھر کسی کی ادا کو ادا کر رہا ہوں
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد