Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

ايپليڪيشن ۾ * مختلف موضوعات تي پڇيل سوالن جا جواب آڊيو، وڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن * احڪامِ تجارت * فرض علوم ڪورس * ۽  تجارت ڪورس به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهي.

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:

مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة

يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن جا وار هجن اهو انهن جي عزت ڪري.[2] يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو ڪري.

   پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ * ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ  ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا * اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون
 * ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف آهي * سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵

[2] ابو داؤد، کتاب الترجل، باب فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163