Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail
الله پاڪ صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهُم جي صدقي اسان کي به سنتون سکڻ، سنتن تي عمل پيرا ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
دل ۽ دماغ جا گناھ به ڇڻي ويندا آهن
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جو واقعو ٻڌو، سندن وضو ساريو، پوءِ مرڪيا ۽ هڪ حديث شريف بيان ڪئي ته جڏهن انسان وضو ڪندو آهي ته منهن ڌوئڻ سان منهن جا ۽ هٿ ڌوئڻ سان هٿن جا ۽ مٿي جو مسح ڪرڻ سان مٿي جا ۽ پير ڌوئڻ سان پيرن جا گناھ ڇڻي ويندا آهن.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو، وضو گناھ ڌوئڻ جو نسخو آهي. مشهور مفسر قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيءَ مفهوم جي هڪ حديث شريف جي حوالي سان فرمائن ٿا: خيال رهي! هتي صرف هنن عضون(يعني منهن، هٿ، مٿو ۽ پيرن) جي گناهن جي ئي معافي مراد ناهي بلڪه وضو جي برڪت سان سڀئي ايستائين جو دل ۽ دماغ جا گناھ به معاف ٿي ويندا آهن.[1] مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: هتي گناھ مان گناھ صغيره مراد آهن ڇوته گناھ ڪبيره توبه کان بغير ۽ ٻانهن جا حقوق صاحب حق جي معافي جي بغير معاف ناهن ٿيندا. مطلب هي آهي ته جيڪو شخص چڱو وضو ڪندو ڪري، ان جي سڀني عضون جا(صغيره) گناھ هن پاڻي سان نڪري ڌوپجي ويندا آهن.[2]
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! وضو ڪرڻ واري جا گناھ ڇڻي ويندا آهن، هن ضمن ۾ هڪ ايمان