Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

Book Name:Ba Wuzu Rehnay Ke Fazail

ان جي لاءِ نيڪيون لکندو رهندو (3) ان جا عُضوا تسبيح ڪندا (4) ان جي تَڪبيرِ اُولي فوت نه ٿيندي (5) جڏهن سُمهي ته الله پاڪ ڪجھ ملائڪ موڪليندو ته جيئن جِنن ۽ اِنسانن جي شر کان سندس حفاظت ڪن(6)موت جون سختيون ان تي آسان ٿين (7) جيستائين وُضوءَ سان رهندو الله پاڪ جي اَمان ۾ رهندو.[1]

دے شوقِ تلاوت دے ذَوقِ عبادت                رہوں  باوضو  میں  سدا  یاالٰہی([2])

 باوضو رهڻ جا دنياوي فائدا

اي عاشقانِ رسول! باوضو رهڻ جا جتي ديني فائدا آهن، ان سان گڏوگڏ ڪيئي سارا دنياوي فائدا به آهن. مثلاً * باوضُو رهڻ جي برڪت سان ڪيئي بيمارين کان حفاظت ٿيندي آهي. * وضو ڪري جنهن ڪم جي لاءِ گهر کان نڪرندؤ ان شآءَ الله الڪريم اهو ڪم پورو ٿيندو.[3] * باوضو رهڻ جي برڪت سان خود اعتمادي به ملندي آهي * ۽ باوضو رهڻ جي برڪت سان رزق ۾ به اضافو ٿيندو آهي. جي ها! حديث پاڪ ۾ آهي: هميشه باوضو رهو، توهان جي رزق ۾ فراخي ايندي.[4]

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي....!!! ڄڻ ته وضو ۾ دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون رکيون ويون آهن. رزق ۾ اضافو گهرجي باوضو رهو. مصيبتن کان حفاظت گهرجي، باوضو رهو. نمازي بڻجڻ جي خواهش آهي، تڪبير اوليٰ چاهيو ٿا، باوضُو رهو، روزِ قيامت اعمال نامو ساڄي هٿ گهرجي


 

 



[1] فتاويٰ رضويه،۱/۷۰۲

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ: 102۔

[3] …. بہشت کی کنجیاں ،صفحہ :60 بتغیر قلیل

[4] جامع الاحادیث،جلد:19،صفحہ:406،حدیث:14922