Malakul Maut ke Waqiaat

Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat

تي رحم فرمائي شيطان تي موت ڪيئن طاري ٿيندي؟ حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنۡه  پهريان ته ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو، وري فرمايائون: جڏهن دنيا ختم ٿيڻ واري هوندي، صور ڦوڪيو وڃڻ جو وقت ويجهو هوندو، ان وقت ماڻهو بازار ۾ هوندا، ڪجھ ماڻهو پاڻ ۾ گفتگو ڪري رهيا هوندا، ڪجھ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هوندا، ڪجھ خريداري ۾ مصروف هوندا ته اچانڪ زوردار ڌماڪي جهڙو آواز ايندو، ان کي ٻڌي ڪري ماڻهو بيهوش ٿي ڪِري پوندا پوءِ 3 ڏينهن تائين کين هوش نه ايندو، باقي اڌ ماڻهن جي عقل ڪم ڇڏي ڏيندي ۽ هُو چريا ٿي ويندا.

اڃا ماڻهو انهي حالت ۾ هوندا ته زمين ۽ آسمان جي درميان بجلي ڪڙڪڻ جهڙو زوردار آواز گوجهندو، ان سان گڏ ئي دنيا فنا ٿي ويندي. هي اهو وقت آهي جنهن وقت تائين شيطان کي مهلت ڏني وئي آهي، هاڻي الله پاڪ حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام کي حڪم ڏيندو: اي ملڪ الموت! مان اڳين پوين جي ڳڻپ برابر تنهنجا مددگار ٺاهيا، تو ۾ تمام زمين ۽ آسمان وارن جي طاقت رکي، اڄ توکي غضب جو لباس پارايو پيو وڃي، اڄ منهنجي غضب سان شيطان وٽ پڄو ۽ ان کي موت جو مزو چکايو ۽ اڄ تائين جيترن جنن ۽ انسانن تي موت جون تڪليفون طاري ٿيون آهن، انهن سڀني جي تڪليفن جي مجموعي کان به ڪيئي گناھ وڌيڪ تڪليف ان مردود تي طاري ڪيو.

 ان سان گڏوگڏ ئي جهنم جي داروغي کي جهنم جا درواز کولڻ جو حڪم ٿيندو، پوءِ حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام اهڙي خوفناڪ شڪل ۽ صورت ۾ شيطان وٽ ايندا جو جيڪڏهن سندس شڪل و صورت کي زمين و آسمان وارا ڏسي وٺن ته برف جيان پگهرجي وڃن. حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام شيطان کي ڇڙٻيندا، ان ڇڙٻڻ جو آواز اهڙو گرجدار هوندو جو جيڪڏهن اوڀر ۽ اولھ وارا ان کي ٻڌي وٺن ته انهن جا عقل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين. هي هيبتناڪ منظر ڏسي ڪري شيطان ڀڄندو، حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام فرمائيندو: اي خبيث! بيهي رھ! تو اڄ تائين جيترن کي گمراھ ڪري جهنم ۾ پڄايو آهي، اڄ توکي انهن