Book Name:Malakul Maut ke Waqiaat
سڀني جي تڪليف جي برابر تڪليف ڏني ويندي. تو ڪيتري ڊگهي عمر ماڻي، ڪيترن کي گمراھ ڪيو، ڪيترن کي جهنم ۾ پڄايو، اهي سڀئي جهنم ۾ تنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن، تنهنجي مهلت ختم ٿي، هاڻي ڀڄ ڪيستائين ڀڄندي.
ان وقت شيطان مردود کي ڀڄڻ جي ڪابه جڳھ نه ملندي، هي چرين وانگي ڪڏهن اوڀر جي طرف ويندو، ڪڏهن اولھ جي طرف ڀڄندو، ڪڏهن سمنڊ ۾ غوطا کائيندو پر جتي به پهچندو، حضرت ملڪ الموت عَلَيهِ السَّلَام ان کي سامهون ئي ملندو. انهي طرح ڀڄندي ڊوڙندي حِضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام جي مزار تي پهچندو ۽ چوندو: اي آدم! مان تنهنجي ڪري مردود ٿيس، ڪاش! تون پيدائي نه ٿيو هجي ها.
الله اڪبر ڪهڙو خبيث آهي! اهڙي حالت ۾ به پنهنجي گناھن جو الزام ٻين تي وجهي رهيو هوندو. خير! هاڻي هي ڀڄندو ڊوڙندو ان هنڌ ايندو جتي پهريون ڀيرو مردود ٿي زمين تي لٿو هيو، هتي زمين باھ وانگر ٻري رهي هوندي، جهنمين کي هڪلڻ وارا ملائڪ کيس گهيري وٺندا ۽ ان کي ڪنڊيدار زنجيرن ۾ جکڙيو ويندو، هاڻي جيستائين الله پاڪ چاهيندو هي سڪرات جي تڪليف ۾ مبتلا رهندو، پوءِ حضرت آدم ۽ حواء عَلَيهماالسَّلَام کي اٿاري چيو ويندو: اي آدم! اي حوا! هي آهي توهان جو دشمن...!!! ڏسو ڪيئن عذاب ۾ گرفتار آهي، جڏهن هُو هن بدبخت مردود کي سڪرات جي حالت ۾ تڙپندي، تڪليف جي سبب تڙپندي ڏسندا ته چوندا: رَبَّنَا قَدْ اَتْمَمْتَ عَلَیْنَا النِّعْمَۃَ اي اسان جا ربَّ!(اسان جي دشمن کي اهڙي سزا ڏئي ڪري) تو اسان تي پنهنجي نعمت مڪمل ڪري ڇڏي. آخر شيطان مردود تڙپي تڙپي ڪري موت جي حوالي ٿي ويندو.
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! شيطان مردود جي ڪيتري قدر اَذيتناڪ موت ٿيندي، ڪهڙي هولناڪ سزائن ۾ مبتلا ٿيندو، هي ته صرف سڪرات جي ڪيفيت جو بيان آهي، قيامت جي ڏينهن جهنم ۾ ان مردود کي جيڪا سزا ملندي، ان جو بيان ڪير ٿو ڪري سگهي......؟ ڄاڻيو ٿا هن مردود کي هيءَ سزا