Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
تي ڦيريا، جڏهن ننڊ مان جاڳيس ته ائين هيس جيئن اوهان مون کي هاڻي ڏسي رهيا آهيو.
اهو ٻڌي عامر يمني پنهنجي زال کي چيو: بيشڪ اسان هن (مبارڪ هستي) جون عجيب و غريب نشانيون ڏٺيون آهن، مان ان جي محبت ۽ ديدار جي تڙپ ۾ جهنگلن ۽ مشڪل ترين وادين کي طئي ڪندس. جيئن ته عامر يمني ۽ ان جا سڀئي گهروارا نور واري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تلاش ۾ نڪري پيا ۽ مڪي مڪرمه جي سفر جو ارادو ڪيو، مڪي جي سرزمين ۾ داخل ٿي بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي عاليشان گهر جو پتو پڇي دروازو وڄايو. بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا اچڻ جو مقصد پڇيو: ته انهن عرض ڪيو: اسان کي پنهنجي جگر جي ٽڪڙي، نورِ نظر جو نوراني چهرو ڏيکاريو جنهن پنهنجي تجلي سان سڄي دنيا کي چمڪائي ڇڏيو آهي جن جي طفيل الله ڪريم ڪائنات کي روشن ڪري ڇڏيو آهي. حضرت بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمايو: مان هاڻي پنهنجو نورِ نظر (يعني پنهنجو پيارو پيارو پٽ) توهان کي نٿي ڏيکاري سگهان ڇوته مون کي يهودين جو خوف آهي ڪٿي اهي منهنجي نورِ نظر کي نقصان نه پهچائن ۽ مان نٿي ڄاڻان ته توهان ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟ عامر يمني ۽ ان جي گهر وارن چيو: اسان ته انهيء آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي محبت ۾ پنهنجي وطن ۽ پنهنجي دين (يعني پنهنجي باطل مذهب) کي ڇڏيو آهي ته جيئن هن نور واري سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ديدار سان پنهنجي اکين کي روشن ڪيون جن جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ وارو ڪڏهن به ناڪام و نامراد ناهي موٽندو. اِهو ٻڌي بيبي آمنه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا فرمايو: چڱو جيڪڏهن منهنجي پياري پٽ جي ديدار کان سواءِ توهان جو گذارو نٿو ٿي سگهي ته جلدي نه ڪيو ٿوري دير بيهو. اِهو فرمائي پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْهَا پنهنجي گهر تشريف وٺي ويون، ٿوري ئي دير ۾ ارشاد فرمايو: اندر اچو. اجازت ملندي ئي اهي ان مبارڪ ڪمري ۾ داخل ٿيا جنهن ۾ ٻنهي جهانن جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آرام فرمائي رهيا هئا، اُتي جي انوار و تجليات ۾ ائين گم ٿيا جو دنيا ۽ دنيا ۾