Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
گذارينداسين، هي نيت به ڪيو ته هر مهيني 3 ڏينهن جي، هر 12 مهينن ۾ 1 مهيني ۽ زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ سال جي مدني قافلي ۾ سفر ڪنداسين. تمام عاشقانِ رسول نگران و ذميدارن سميت ربيع الاول ۾ بارگاھِ رسالت ۾ ايصالِ ثواب جي نيت سان گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن جي لاءِ سنتون سکڻ ۽ سيکارڻ جي مدني قافلي ۾ سفر ڪن. ۽ روزانو”گهر درس“ به ڏين يا ٻڌن.
میں مبلِّغ بنوں سنتوں کا ،خوب چرچا کروں سنتوں کا
یا خدا!درس دوں سنتوں کا ،ہو کرم!بہر خاکِ مدینہ
5. پنهنجي مسجد، گهر، دڪان، ڪارخاني وغيره تي 12 عدد نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد مدني جهنڊو ربيع النور شريف جي چنڊ رات کان وٺي 12 ربيع الال تائين لهرايو.، بسن، ويگنن، ٽرڪن، ٽرالن، ٽيڪسين، رڪشن، ريڙهن، گهوڙي گاڏين وغيره تي مدني پرچم ٻڌو. پنهنجي سائيڪلن، اسڪوٽر ۽ ڪار تي به لڳايو، هر طرف ساون ساون جهنڊن جون بهارون مرڪندي نظر اينديون، عام طور تي ٽرڪن جي پٺيان جاندارن جون وڏيون وڏيون تصويرون ۽ بي ڍنگا شعر لکيل هوندا آهن، ٿي سگهي ته پنهنجي گاڏين تي هي لکرايو ”مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي ـ“
دعاءِ عطار: ياربّ مصطفيٰ! جيڪو پنهنجي اسڪوٽرن تي (صرف اڳيان ۽) ڪارن، ٽيڪسين، بسن، ٽرڪن، پاڻي جي ٽينڪرن، ويگنن، رڪشن، سوزوڪين وغيره تي اڳيان يا پٺيان يا ٻنهي طرف”مون کي دعوتِ اسلامي سان پيار آهي“ لکي يا لکرائي يا اسٽيڪر لڳرائي. ان جي گاڏي کي ايڪسيڊنٽ کان محفوظ فرماءِ ۽ ان کي بي حساب بخشي ڇڏ، جيڪو ڪنهن