Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
گاڏي واري کي ان ڪم جي لاءِ تيّار ڪري ان جي حق ۾ به اها دعا قبول فرماءِ.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
ضـروري احتياط: جيڪڏهن جهنڊي تي سبز گنبد، نعلين پاڪ جو نقش پاڪ يا ڪا لکت هجي ته هن ڳالهه جو خيال رکو ته نه اهو ليڙون ليڙون ٿئي، نه ئي زمين تي اچي پئي، جيڪڏهن اَدب نه ٿي سگهي ته اهڙو پرچم نه لهرايو، جيئن ئي 12 ربيع النور شريف جو ڏينهن موڪلائي وڃي ته فوراً تمام جهنڊا ۽ لائٽنگ جو سامان لاهي ڇڏيو، خاص طور مدني مرڪز فيضانِ مدينه ۽ مساجدِ دعوتِ اسلامي و جامعة المدينه و مدرسة المدينه تان به بروقت لاهڻ جي ترڪيب ڪيو.
نبی کا جھنڈا لیکر نکلو دنیا پر چھا جاؤ نبی کا جھنڈا امْن کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ
6. پنهنجي گهر تي 12 جهالرن (يعني لڙهين) يا گهٽ ۾ گهٽ 12 بلبن سان ۽ پنهنجي مسجد ۽ محلي ۾ به 12 ڏينهن تائين عرف مطابق چراغان (يعني لائيٽنگ) ڪيو جتي مسجد جي چندي مان 12 ڏينهن تائين چراغان جو عرف(يعني معمول) نه هجي ته ان ڪم جي لاءِ الڳ کان چندو ڪري 12 ڏينهن تائين چراغا ڪري سگهجي ٿو. سڄي علائقي کي ساون ساون جهنڊن ۽ رنگ برنگي بتين سان سينگاري ڪنوار بڻائي ڇڏيو. ممڪن هجي ته مسجد ۽ گهر جي ڇت ۽ چوڪ وغيره تي واٽهڙن ۽ سوارين کي تڪليف کان بچائيندي حقوق عامه ضايع ڪرڻ کان بغير فضا ۾ لڙڪندڙ 12 ميٽر يا ضرورت مطابق سائيز جا وڏا وڏا جهنڊا لهرايو، وچ رستي تي جهنڊا نه هڻو جو ان سان ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيندو آهي، خبردار! گهٽيءَ وغيره ۾ ڪٿي به اهڙي سجاوٽ نه ڪيو جنهن سان مسلمانن جو رستو سوڙهو ٿيڻ ۽ انهن جي حق تلفي ۽ دل آزاري جو سبب ٿئي. (ياد رهي! انهن سجاوٽن جي