Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba
تشريف آوري جي لاءِ خَلَق يا بَدَع (يعني پيدا ڪرڻ) جو لفظ ناهي آيو، اُن ۾ به حڪمت آهي، اها هي ته حضُور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ربّ ڪائنات جي اعليٰ نعمت آهن. جيڪي تحفي طور مخلوق کي ڏنا ويا آهن. [1]
دِل جگمگا رہے ہیں قسمت چمک اُٹھی ہے پھیلا نیا اجالا صبحِ شبِ وِلادت
دِن پِھر گئے ہمارے، سوتے نصیب جاگے خورشید ہی وہ چمکا صبحِ شبِ وِلادت([2])
پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دنيا ۾ اچڻ ايئن آهي جيئن ڪنهن حاڪم جو هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تبادلو ٿي اچي، مثال طور ڪو آفيسر ڪراچي ۾ ڊيوٽي ڪري ٿو، پوءِ ان جو تبادلو اسلام آباد ٿي ويو ته ان جو مطلب هي نه ٿيندو ته هن آفيسر جي تخليق ئي هاڻي ٿي آهي، بلڪ اهو موجود ته پهريان کان هيو، هاڻي صرف جڳھ جي تبديلي ٿي آهي، ايئن ئي اوّل ۽ آخر نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نُور جي تخليق سڄي مخلوق کان پهريان ٿي چڪي هئي دنيا ۾ اچڻ کان پهريان پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عالم اَرواح ۾ رسول هئا، سڀني نبين کي فيض ڏئي رهيا هئا، ڄڻ ان وقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عالم ارواح ۾ رهي ڪري انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِ السَّلَام جي وسيلي سان دنيا کي پنهنجي انوار ۽ تجليات سان نوازي رهيا هئا، هاڻي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خود دنيا ۾ تشريف کڻي آيا ۽ بلاواسطه دنيا کي نوازڻ شروع فرمايو.
امام بوصيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
فَاِنَّکَ شَمْسُ فَضْلٍ ہُمْ کَوَاکِبُہَا
یَظْہَرْنَ اَنْوَارَہَا لِلنَّاسِ فِی الظُّلَمٖ