Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

Book Name:Amad e Mustafa Marhaba Marhaba

کڻي آيا، ان جو به شان نرالي آهي. امام بخاري جي استاد مُحدّث عبدالرزاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حضرت جابر رَضِیَ اللهُ عَنْهُ جي سند سان روايت ڪن ٿا، حضور پُرنور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي جابر الله پاڪ سڀني کان پهريان تنهنجي نبي جي نور کي پيدا ڪيو.[1]  

   حضرت ڪعب الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جڏهن آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي تخليق ٿي، الله پاڪ هي نور ان جي پٺي مبارڪ ۾ رکيو، ملائڪ ان جي زيارت جي لاءِ سندن پٺيان صفون ٻڌي بيهندا هئا، حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: موليٰ مان به ان نور جي زيارت ڪرڻ چاهيان ٿو. کين ان جي زيارت ڪرائي وئي ته پاڻ آڱر سان ان جي طرف اشارو ڪري درود شريف عرض ڪيو. ان مقدس نور جا انوار سندن مبارڪ پيشاني ۾ ايئن روشن هئا جيئن سج آسمان ۾ ۽ چنڊ اونداهي رات ۾، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي پيشماني مان پکين جي تنوارڻ جهڙي آواز ٻڌندا هئا، عرض ڪيائون: الٰهي! هي ڇا جي آواز آهي؟ فرمايو: هي خَاتَمُ النَّبِیِّیْن، سَیِّدُ الْمُرْسَلِین  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي تسبيح جي آواز آهي.

جڏهن حضرت شيث عَلَيۡهِ السَّلَام پيدا ٿيا، سندن پيشاني ۾ نورِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  روشن هيو، سندن جي ولادت ٿي ته ملائڪ مبارڪباد ڏيڻ آيا.[2]

جيئن ته حضرت شيث عَلَيۡهِ السَّلَام جو نڪاح پنهنجي زماني جي نهايت حسين ۽ افضل ترين خاتون حضرت بيضاء رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا سان ٿيو. [3] حضرت جبريلِ امين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم نڪاح جو خطبو پڙهيو ۽ ملائڪ گواهه ٿيا.

حضرت شيث عَلَيۡهِ السَّلَام کان بعد سندن فرزند حضرت اَنُوش رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ٿيا، ان کان بعد سندن پٽ حضرت قينان ۽ پُوءِ حضرت ادريس عَلَيۡهِ السَّلَام، الغرض حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام


 

 



[1] الجزء المفقود من مصنف عبد الرزاق، كتاب الايمان، باب فى تخليق ...الخ، صفحہ:63،حديث:18۔

[2] شرح الزرقانى على المواهب، المقصد الاول، فى تشریف الله تعالى...الخ، جلد:1 صفحہ:124۔

[3]  حجۃ الله على العالمين، القسم الثانى، الباب الاول، فى بدء خلق نوره...الخ، صفح:163۔